ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سروس رولز 2006ع تحت ٽيڪنيڪل اسٽاف کي اپ گريڊ ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت بي پي ايس 7 جا جونيئر ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ جونيئر نيٽ ورڪ ٽيڪنيشن بي پي ايس 12 ۾ اپ گريڊ ٿي ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آرڊر تحت حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر بئنچ جي ملازمن جو گريڊ وڌي ويو. ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ڪاپي اي جي سنڌ، ايڊيشنل رجسٽرار ۽ ٻين کي جاري ڪري ڇڏي آهي.
