121

آبپاشي نظام جي فيصلا سازي ۾عورتون به شامل ٿي سگهن ٿيون: سيڊا چيئرمين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي آبپاشي نظام جي فيصلا سازي ۾ هاڻي عورتون به شامل ٿي سگهنديون، رولز آف بزنس ۾ ترميم جي بورڊ منظوري ڏئي ڇڏي، آبياني وصولي جو  نظام پڻ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جو فيصلو، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سيڊا بورڊ جي 52 ھين گڏجاڻي ڪراچي جي ھڪ خانگي ھوٽل ۾ ٿي گذري. جنھن ۾ سيڊا بورڊ جي ميمبرن تاج محمد ڏاهري، عبدالمنان، ڊاڪٽر سجاد چانڊيو، آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر مسعود سيھڙ، رٿا بندي کاتي جي چيف واٽر غلام مرتضيٰ ابڙو، سيڊا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پريتم داس، جنرل، ليفٽ بئنڪ ڪينال ايريا واٽر بورڊ جي چيئرمين قبول محمد کٽياڻ، نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ جي چيئرمين حاجي علي مراد راڄڙ، سيڊا جي جنرل مئنيجرس ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جنرل مئنيجر ٽرانزيشن غلام مصطفيٰ اڄڻ تازو سنڌ اسيمبلي طرفان سنڌ واٽر مئنيجمينٽ آرڊيننس 2002ع ۾ عورتن جي شموليت ۾ پاس ڪيل ترميم جي رولز آف بزنس تي بريفنگ ڏني ۽ ان قانون تحت عورتن جي شموليت جي حوالي سان بورڊ کي آگاھي ڏني. گڏجاڻي ۾ عورتن جي ايس ڊبليو ايم او ۾ شموليت جي رولز آف بزنس جي منظوري ڏيندي ان کي سنڌ حڪومت جي قانون واري کاتي کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سيڊا چيئرمين انجنيئر عبدالباسط سومرو چيو ته ھي ترميم سيڊا ۽ ايس پي او جي گڏيل ڪوششن سان آندي وئي آھي جنھن ۾ سماجي تنظيمن، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سميت سول سوسائٽي جي ميمبرن جي گڏيل محنت شامل آهي. ھن چيو تہ ھن ترميم تحت سيڊا بورڊ بزنس رولز جي منظوري ڏني آھي، جنھن تحت ريگيوليٽري اٿارٽي، ايريا واٽر بورڊ، آبادگار تنظيمن ۽ واٽر ڪورس ايسوسيئيشن ۾ سوين عورتون ميمبر بڻجي پاڻي جي معاملن ۾ فيصلا سازي ۾ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪنديون ڇو تہ پاڻي جي استعمال جيڪو گھر ۾ ھجي يا زرعي زمين ۾ عورتن جو ان ۾ اھم ڪردار آھي جيڪو ماضي ۾ نظر انداز ڪيو ويو ھو پر ھاڻي عورتن جي شموليت شراڪتي آبپاشي نظام ۾ شامل ڪئي وئي آهي.  ان موقعي تي آبياني جي ڪٿ ۽ وصولي بابت ايجنڊا تي ڳالھائيندي سيڊا چيئرمين چيو تہ سيڊا پنھنجي حدن ۾ پاڻي جي موجودگي، ورڇ، فنڊن جي استعمال توڙي آبياني جي ڪٿ ۽ وصولي لاء نادرا جھڙو ڪمپيوٽرائزڊ نظام جوڙڻ لاء ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تحت آبياني جي ڪٿ سيٽلائيٽ جي مدد سان ڪري وصولي لاء اليڪٽرانڪ بل متعارف ڪرايو ويندو تہ جيئن ھڪ صاف ۽ شفاف نموني سان آبياني جي ڪٿ ۽ وصولي جو نظام قائم ڪيو وڃي. ھن چيو تہ آبادگار تنظيمن جي ادارتي سگھ وڌائڻ لاء تربيتي پروگرامن سان گڏ سندن ڪاڪردگي، آ بياني جي ڪٿ ۽ وصولي جي آڊٽ پڻ ڪرائي ويندي تہ جيئن سندن ڪارڪردگي کي بھتر بڻايو وڃي. گڏجاڻي ۾ مختلف ادارتي معاملن جا فيصلا پڻ ڪيا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو