نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) فيس بڪ جو باني مارڪ زڪر برگ دولت ۾ دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو، غير ملڪي خابرو اداري فوربز پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته مارڪ زڪر برگ امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾چوٿين ۽ بل گيٽس پنجين نمبر تي پهتو، جڏهن ته بل گيٽس ۽ ملنڊا گيٽس جي طلاق ۽ ملڪيت جي ورهاست کانپوءِ هو لسٽ ۾پوئتي آيو، 1987ع کانپوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو بل گيٽس ٽئين نمبر کان 5 نمبر تي آيو آهي. بل گيٽس جي اثاثن جي ماليت هن وقت 129.6 بلين ڊالرز ٿي وئي، جڏهن ته مارڪ زڪر برگ جي اثاثن جي ماليت 132 بلين ڊالر آهي.
