اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ اداڪاره ۽ ماڊل افرا خان کي بزنس مين کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ماڊل گرل بزنس مين کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀتو گهريو هو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ موجب افرا خان بزنس مين کان هن وقت تائين 3 لک رپيا وٺي چڪي آهي. ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
