120

افغانستان جي نئين صورتحال ۽ آمريڪا جون چالبازيون…

ليکڪ: طفيل مگسي

جيڪي ماڻھو افغانستان جي صورتحال تي نظر رکي ويٺل آھن، انهن کي بس ايترو ئي چوڻ ڪافي آھي ته افغانستان جا مامرا ايترا سادڙا ناهن، جيترا نظر اچن ٿا.سوشل ميڊيا تي رپورٽ ٿيڻ واريون ڳالهيون ته طالبان افغانستان جي ٽن حصن تي قابض ٿي ويا آھن رڳو وات ۽ چهري کانسواءِ ڪجهه به نه آهن، ڇاڪاڻ ته اشرف غني حڪومت گذريل هفتي هڪ نعرو ”الله اڪبر“ متعارف ڪرايو جيڪو بعد ۾ سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ بڻجي ويو آھي ۽ ان نعري جي ضرورت ان لاءِ محسوس ڪئي پئي وئي ته عوام کي باور ڪرايو وڃي ته مسلمان رڳو طالبان ناهن پر اشرف غني به مسلمان آھي ۽ انهي الله کي مڃي ٿو جنهن کي طالبان مڃين ٿا ۽ ان نعري سان ماسز تي ڪافي مثبت اثر پيو آھي، هوڏانهن آمريڪي هوائي فوج اشرف غني حڪومت جي حمايت ۾ طالبانن جي ٺڪاڻن تي ڇتي بمباري ڪري رهي آھي، جنهن جو فائدو ڪنهن کي پوي نه پوي پر عام ماڻھو جو نقصان ضرور ٿي رهيو آھي، آمريڪي هوائي فوجي ڪارروائي جي ڪري ڪابل ۽ ڀرپاسي ۾ بيشمار لاش وکريل آھن، ان صورتحال تي گڏيل قومن آمريڪا کي وارننگ پڻ ڏني آھي، عام ماڻهن جي موت کان بچڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان جي سامهون جيڪي 22 مطالبا رکيا آھن، انهن ۾ ھڪ اهو به آھي ته پاڪستان پنهنجي سرحد تان تارون هٽائي جيئن مهاجر پاڪستان ۾ پناهه وٺي سگهن ۽ آمريڪي هوائي فوج آساني سان طالبان جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي سگهي، ان سلسلي ۾ آمريڪا جو اهو پلان آھي ته پاڪستان تارون هٽائي ته جيئن 14 هزار آمريڪي ويزه اپليڪينٽس ايران ۽ ترڪي وڃي سگهن ۽ اتان کان آمريڪا انهن کي اسڪروٽني کانپوءِ پنهنجي ملڪ وٺي وڃي سگهي ٿو، اسڪروٽني جو عرصو اٽڪل 14 مهينا هوندو، ان حساب ۾ اطلاعن مطابق پاڪستان ۽ ترڪي انڪار ڪري ڇڏيو آھي، آمريڪا سرمائيدار هڪ اهڙي بدبخت جونءِ آھي جيڪا غريب ملڪن جو رت چوسي بدمست هاٿي بڻجي وئي آھي، آمريڪا کان ڪو پڇي ته ڀارت ڪشمير سيز فائر لائن تي تار لڳائي آھي، اها کيس نظر نٿي اچي.؟ هوڏانهن چين، ترڪمستان ۽ تاجڪستان وغيره افغانستان جي سرحد سيل ڪري ڇڏي آھي ۽ اھي افغانين کي پنهنجن ملڪن ۾ داخل ٿيڻ نٿا ڏين، ايران ۾ وڃي نٿا سگهن، انهن کان ته سرحدون کولرائي، باقي کيس رڳو پاڪستان جون تارون ڇو ٿيون چڀن، پاڪستان ۽ ترڪي ٻنهي آمريڪي پلان رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ٻي معنيٰ اها آهي ته افغانستان هڪ خوفناڪ گهرو ويڙهه طرف وڌي رهيو آهي، طالبان جي حمايت نٿي ڪري سگهجي، ۽ اشرف جي قيادت ان قابل نه آهي جو ان تي ڀروسو ڪري سگهجي، جيڪڏهن سرحد کولي وئي ته افغان گهرو ويڙهه پاڪستاني شهرن تائين پهچي ويندي. ان ڪري پاڪستاني عملدارن جو انڪار صحيح قدم آهي.ڇو ته جيڪڏهن پاڪستان اڳ جيان آمريڪا جي دٻاءُ تحت ٻيهر ڪا غلطي ڪئي ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا ۽ هن ڀيري جيئن ته آمريڪا سميت عالمي طاقتون به افغانستان مان هٿ ڪڍي ويون آهن، ان ڪري اها جنگ ايتري ته خوفناڪ ۽ خونريز ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي جو شايد ان تي ڪنٽرول سالن تائين ممڪن نه ٿي سگهي، جيڪڏهن پاڪستان عالمي دٻاءُ ۾ اچي ويو ته اها صورتحال ملڪ اندر پڻ ٿي سگهي ٿي، هن وقت افغانستان جي پاڙيسري ملڪن به ان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو آهي ۽ سمورا ملڪ رڳو پنهنجي سرحدن جو مضبوط دفاع ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ اهو ئي پاڪستان لاءِ به بهتر هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو