105

امام حسين عليه السلام جو ڪربلا پهچڻ…!!

ليکڪ: دانش نبي بخش شر

اها رات جيڪا 2 محرم الحرام سنه 61 هجري جي هئي، سا به نيٺ گذري وئي. باک ڦٽيءَ امام عليه السلام ساٿين سميت سوارين تان لهي پيو، فجر جي نماز پڙهي وري وهٽن تي چڙهي سفر جاري رکيائون. ٿورو ئي مس هليا ته يزيدي لشڪر جي ڪمانڊر حُر بن يزيد رياحي امام عليه السلام ۽ سندس ساٿين جو گهيرو ڪري ساڄي طرف وٺي وڃڻ چاهيو، انڪري جو اهو رستو ڪوفي وڃي رهيو هو، امام(ع) حر جي پرواھه نه ڪندي کاٻي طرف پنهنجو پنڌ جاري رکيو، ان تي ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهين جي ڏي وٺ ٿيندي رهي، تان جو ڪن تاريخن جي لکڻ موجب ڪوفي جي ڀر مان گذر ٿين، اتان کان نينوا جو دڳ ورتائون، ڏوري اچي نينوا پهتا، پري کان ڪنهن گهوڙي سوار کي ايندي ڏٺائون جيڪو ڪوفي کان هنن جي طرف اچي رهيو هو سڀ ان جي اوسيئڙي ۾ اٿي بيهي رهيا پر گهوڙي سوار ڀر ۾ ئي بيٺل حُر ڏانهن هليو ويو، سلام ڪري کيس هڪ خط ڏنائين جيڪو ڪوفي جي گورنر عبيد الله بن زياد جو هو، ان ۾ لکيل هو (ترجمو) ”منهنجو خط ملڻ شرط حسين بن علي عه تي سوڙھه ڪجان ۽ کيس ڪنهن اهڙي سرزمين تي بيهارجان جيڪا پٽ پڌر ۽ بنا ڪوٽ ۽ بنا اوٽ جي هجي، مان پنهنجي ايلچيءَ کي چئي ڇڏيو آهي ته جيتري تائين تون مون واري ان حڪم تي عمل نه ڪرين تيسيتائين تو کان پري نه ٿئي ۽ ان جي بجا آوريءَ جي خبر مون تائين کڻي اچي“ ان حڪم نامي پڙهڻ بعد حُر امام عليه السلام ۽ سندس ساٿين کي عبيدالله واري خط جي تفصيلن کان آگاھه ڪيو ۽ مٿن سختي ڪرڻ لڳو پڻ اتي ئي منزل انداز ٿيڻ لاءِ اصرار ڪرڻ لڳو، تنهن تي امام عليه السلام جا ساٿي چوڻ لڳس ته ڇڏ ته اسان نينوا، غاضريه يا شفيه منزل تي لڏو لاهيون، حر چيو ته مان اهڙي اجازت نٿو ڏئي سگهان جو امير وارو هي موڪليل ماڻهو قاصد به آهي ته جاسوس به، ان کي پابند ڪيو ويو آهي ته مون طرفان حڪم جي بجا آوري بابت پيرائتي ڄاڻ امير کي وڃي ڏئي، تنهن تي زهير بن قين رضي الله چوڻ لڳو ته خدا جو قسم اڄ کانپوءِ اسان کي اڃا وڌيڪ ڏکيائي ڏسڻي پوندي، اي رسول خدا صليٰ الله عليه و آله وسلم جا فرزند هن لشڪر سان هن گهڙيءَ ۾ جنگ ڪرڻ ايندڙ وقت کان وڌيڪ سولي آهي، ڇو جو بعد ۾ اسان سان ويڙھه لاءِ دشمن طرفان وڏا ڪٽڪ پهچي ويندا، جن سان مقابلي ڪرڻ جي اسان ۾ سگهھ ناهي، تنهن تي امام عليه السلام فرمايو ته مان جنگ ۾ اڳرائي نه ڪندس، ڪن روايتن ۾ ملي ٿو ته زهير رضي الله عرض ڪيو ته جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اسان کي فرات جي ڪنڌيءَ طرف وڌائي هلو جو اتي هڪ مضبوط ڪوٽ آهي، جيڪڏهن اوڏانهن نه ڇڏيائون ته پوءِ انهن سان جهيڙينداسين، انڪري جو اسان لاءِ اها جنگ ايندڙ وقت واري جنگ کان سولي هوندي، امام عليه السلام ان ڳوٺ جو نالو دريافت ڪرڻ چاهيو، چيائون ته ان ڳوٺ جو نالو ”عقر“ آهي، اهو نالو ٻڌي امام عليه السلام فرمائڻ لڳو ته ”خدا وندا مان عقر کان تنهنجي پناھه ٿو گهران“ اهو چئي  جتي بيٺا هئا اتي ئي لهي پيا، اها روئداد خميس جي ڏينهن 2 محرم الحرام سنه 61 هجريءَ ۾ پيش آئي، هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته امام عليه السلام حُر کي مخاطب ٿي ارشاد فرمايو ته اسان کي ٿورو اڳتي وڌڻ جي اجازت ڏي ان تي حر کين ڪجهھ مفاصلو اڳتي وڌائي آڻي ڪربلا واري سرزمين تي پهچايو، اتي حُر ۽ سندس سپاهي امام عليه السلام جي اڳيان بيهي سختي ڪرڻ لڳا ۽ اڳتي وڌڻ نه ڏنائون، امام عليه السلام کانئن ان سرزمين جو نالو پڇيو. چيائون ته هن سرزمين جو نالو ڪربلا آهي، اهو نالو ٻڌي امام عليه السلام جي اکڙين مان لڙڪ لڙي پيا ۽ فرمائڻ لڳو ته خدا يا مان توکان غم ۽ اندوھه جي پناھ ٿو گهران، لهف سيد بن طاووس کان نقل ٿيل آهي ته امام عليه السلام هي به فرمايو ته هيءَ ته اسان جي لڏي لاهڻ جي جاءِ آهي، اتي اسان جو خون وهايو ويندو، اتي ئي اسان جون قبرون جڙنديون، اها ڄاڻ مونکي منهنجي ناني رسول خدا صليٰ الله عليه و آله وسلم جن اڳواٽ  ئي ڏئي ڇڏي هئي. (ڪتاب ”زندگاني امام حسين عليه السلام“ سيد هاشم رسولي محلاتي، ص130 تان ورتل).

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو