سنڌيڪار: سرمد جتوئي
سڄي دنيا ۾ نئين سال جي شروعات جي ڳالهه ڪئي وڃي ته جيڪا تاريخ ذهن ۾ فوري طور تي اچي ٿي اها پهرين جنوري آهي، جيڪو گريگورين يا شمسي ڪيلنڊر مطابق نئين سال جو پهريون ڏينهن آهي پر اسلامي ڪيلنڊر ۾ نئين سال جي شروعات پهرين محرم کان ٿئي ٿي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ان سال جي شروعات هڪ ڏينهن جي فرق سان ئي ٿئي ٿي. مثال طور گذريل سال به ڪيترن ئي عرب ملڪن ۾ نئين هجري سال جي شروعات گريگورين ڪيلنڊر مطابق سومر 9 آگسٽ کان ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو سال اڱاري 10 آگسٽ تي شروع ٿيو، اسلامي ڪيلنڊر جي شروعات پيغمبر اسلام صه جي مڪي کان مديني هجرت جي سال سان ڪئي وئي آهي ۽ اهو هجري ڪيلنڊر جو 1443هون سال آهي پر هجري ڪيلنڊر جي باري ۾ ٻيون به حقيقتون آهن، جن جو هتي جائزو وٺي رهيا آهيون.
قمري ڪيلنڊر: هجري ڪيلنڊر زمين جي چوطرف چنڊ جي چڪر تي ٻڌل آهي ۽ قمري مهينو چنڊ جي هڪ چڪر جي مڪمل ٿيڻ سان مڪمل ٿئي ٿو، اهو گريگورين يا شمسي ڪيلنڊر جي ابتڙ آهي، ڇو ته اهو سج جي چوڌاري زمين جي گردش تي ٻڌل آهي، اوهان اڪثر ماڻهو ان کان واقف آهن ته هجري مهيني جو خاتمو ۽ شروعات نئين چنڊ ڏسڻ جي بنياد تي طئه ڪئي وڃي ٿي، جيڪو شمسي طريقي جي ابتڙ هجري مهينن جي ڏينهن کي غير معينا ٺاهي ڇڏي ٿي، ان مطابق هجري مهيني جي ڏينهن جو تعداد 29 ۽ 30 ڏينهن جي وچ ۾ ٿيندو آهي ۽ ان بنياد تي هجري سال شمسي ڪيلنڊر جي مقابلي ۾ هر سال 11 ڏينهن اڳتي وڌي وڃي ٿو، جنهن جي ڪري اسلامي ڏڻ ۽ موقعا هر سال مختلف موسمن ۽ وقتن ۾ اچن ٿا، قمري گردش جي تڪميل به جاگرافيائي لحاظ کان مختلف هوندي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هجري مهيني جي شروعات هڪ هنڌ الڳ ٿي سگهي ٿي ۽ ٻي جاءِ تي مختلف.
عالمي هجري ڪيلنڊر: اهو هڪ طريقو آهي جنهن کي فلڪيات جي ماهرن جي هڪ گروپ 2001ع ۾ متعارف ڪرايو هو، ته جيئن مختلف ملڪن ۾ نئين چنڊ جي ڏسڻ ۾ موجود تضاد کي گهٽائي سگهجي. ان طريقي کي ٻي اسلامي فلڪياتي ڪانفرنس ۾ اختيار ڪيو ويو، جيڪا آڪٽوبر 2001ع ۾ اردن جي گادي واري هنڌ عمان ۾ ٿي هئي، عرب يونين جي فلڪيات ۽ ۽ چنڊ بابت خلائي سائنسز ڪاميٽي ڪيلنڊر جو نئون خيال پيش ڪيو، اهو دنيا کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ تي ٻڌل هو، اوڀر اڌ گول 180 ڊگري اوڀر طول البلد ۽ 20 ڊگري، اولهه طول البلد جي وچ جو علائقو، اولهه اڌ گول اهو طول بلد 20 ڊگري اولهه وچ ۾ آمريڪا جي اولهه ۾ آهي، ڪيلنڊر جو خيال هجري مهيني جي 29 تاريخ تي هر علائقي ۾ زمين جي ڪنهن هڪ حصي تي چنڊ جو مشاهدو ڪرڻ تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن چنڊ نظر اچڻ جي تصديق ٿي وڃي ( ڀلي انساني اک سان هجي يا فلڪياتي اوزارن جي مدد سان) پوري علائقي ۾ ٻئي ڏينهن نئين مهيني جي شروعات جو اعلان ڪيو ويندو آهي.ان ڪيلنڊر جو اهو مطلب نه آهي ته دنيا جي سمورن حصن ۾ هڪ ئي ڏينهن هجري مهينو شروع ٿئي ٿو پر اهو مختلف ملڪن ۾ مهيني جي شروعات ۾ فرق کي محدود ڪري ٿو ته جيئن اهو عالمي سطح تي هڪ ڏينهن کان وڌيڪ نه هجي.
اسلام کان 2 صديون اڳ: قمري تقويم تي اتفاق ڪرڻ لاءِ 412ع ۾ مڪي ۾ عرب سردارن جي هڪ گڏجاڻي ٿي هئي، ڇو ته قمري مهينن جي تعين ۾ عرب قبيلن وچ ۾ پيدا ٿيل تضاد حج جي موسم ۽ واپار جي چرپر جي حوالي سان انتشار پکيڙي ڇڏيو هو، ان اجلاس ۾ هر مهيني سان لاڳاپيل سرگرمين تي به اتفاق ڪيو ويو، جن مان ڪجهه جنگ لاءِ، ڪجهه واپار لاءِ ۽ ڪجهه زيارت لاءِ مخصوص ڪيا ويا هئا، ان اجلاس ۾ مقدس مهينن تي به اتفاق ڪيو ويو، جنهن دوران ويڙهه حرام هئي ۽ اهو عمل اسلام جي آمد کانپوءِ به جاري رهيو، اهي مقدس مهيني ذوالقعد، ذوالحج، محرم ۽ رجب آهن، جيتوڻيڪ هجري ڪيلنڊر مڪي کان مديني هجرت سان شروع ٿئي ٿو پر اهو 17 سالن کانپوءِ شروع ٿيو ۽ اهو مسلمانن جي ٻئي خليفي عمر ابن الخطاب هو جنهن اسلامي رياست ۾ هجري ڪيلنڊر کي اختيار ڪيو، جيڪو پهرين عرب ڪيلنڊر جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ پيغمبر اسلام صه جي هجرت سان منصوب ڪندي ان مان هجري لفظ اخذ ڪيو ويو، جن مهينن جا نالا اسان اڄ ڄاڻون ٿا، انهن جي چونڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان کان اڳ قبيلن مهينن لاءِ مختلف نالا استعمال ڪيا هئا ۽ ان ۾ گهڻا نالا اهي آهن جن تي عرب 412ع ۾ مڪي واري اجلاس ۾ اتفاق ڪيو هو.
نسي ڏينهن: هي 5 ڏينهن آهن جيڪي عرب قمري سال ۾ شامل يا خارج ڪيا ويندا هئا، انهن ڏينهن جي شموليت يا خارج ڪرڻ جا سبب مختلف هئا، جيئن ڪجهه جو خيال آهي ته اهي زمين جي چوڌاري چنڊ جي چڪر جي حساب ۾ واڌ يا گهٽتائي جي تابع هئا، ٻين جو چوڻ آهي ته اهو مقدس مهينن جي ڏينهن جو انگ روڪڻ جو هڪ طريقو هو، اسلام انهن نسي ڏينهن کي پوءِ ان حد تائين ممنون قرار ڏئي ڇڏيو جو اهي اسلامي تضادن ۽ موقعن جي وقت جو حساب لڳائڻ ۾ انتهائي تضاد جو سبب ٿي سگهيا ٿي، عرب قبيلا صدين کان قمري تقويم جي پيروي ڪري رهيا هئا ۽ انهن جي زندگيءَ جي هڪ وڏي حصي تي ان جي عملداري هئي ۽ مهينن جا نالا يا ته انهن موسمن سان لاڳاپيل هئا جيڪي ان جي مواقف هونديون هيون يا انهن مان هر هڪ ۾ عرب جي سرگرمين يا ويڙهه جي تقديس بابت هئا، مثال طور ربيع الاول ۽ ربيع الآخر جا مهينا بهار جي موسم سان تعلق رکندا هئا، جڏهن ته جمادي الاول ۽ جمادي الآخر سردين جي موسم سان هم آهنگ هئا، رمضان جو مهينو رمود مان نڪتل آهي، جيڪو ان وقت سخت گرميءَ جو دور هو ۽ ان نالي سان ان جو ئي احساس ٿيندو هو. جيستائين مقدس مهينن جي ڳالهه آهي ته ذوالقعد عربن جي جنگ کان غير فعال ٿيڻ جي علامت آهي، ذوالحج حج جو مهينو هو جيستائين محرم جي ڳالهه آهي ته اهو ويڙهه کان منع مان ماخوذ آهي، رجب ” رجب النسل تير“ مان ماخذ آهي يعني ان کي ويڙهه جي منع وقت هٽائڻو آهي. جيستائين صفر جي ڳالهه آهي ته اهو عربن سان جنگ ۾ وڃڻ بابت آهي، ايستائين جو گهر پيلا ٿي وڃن يعني هو پنهنجي ماڻهن کان خالي ٿي وڃن ۽ شعبان رجب ۾ ويهڻ کانپوءِ عربن جي جنگ ۽ واپار وچ ۾ ورهاست جي آغاز جي علامت آهي.
اسلامي سال، هي مختلف وقتن ۾ ڇو شروع ٿئي ٿو؟: اڄ دنيا اسلامي نئون سال محرم مهيني سان شروع ڪري ٿي ۽ هي اسلام جي ٻئي خليفي جي اسلامي ڪيلنڊر جي شروعات جي طور تي اختيار ڪيل مهينو آهي، عام عقيدي جي ابتڙ هجري سال جي شروعات جو مطلب اهو نه آهي ته هي 14 هين سال ۾ پيغمبر اسلام صه جي مڪي کان مديني هجرت
جي صحيح تاريخ طور ملهايو وڃي، اهو اسلامي حوالن مطابق محرم نه پر ربيع الاول جو مهينو هو پيغمبر اسلام صه جي وصال کانپوءِ ۽ اصحابن سان مشورو ڪرڻ کانپوءِ عمر ابن الخطاب هڪ اسلامي ڪيلنڊر اختيار ڪيو جنهن کي هجري ڪيلنڊر چيو ويو، اهڙي طرح محرم جو نالو ان مهيني کي ڏنو ويو جنهن ۾ عربن جنگ کان منع ڪئي هئي ۽ صفر جو نالو ان مهيني کي ڏنو ويو، جنهن ۾ ماڻهن جا گهر حملن لاءِ هجرت جي ڪري خالي ٿي ويندا هئا، واضح رهي ته مهينن جا نالا سال جي موسمن مطابق هوندا هئا پر ان لاءِ ان جي حساب جي طريقيڪار ۾ تبديليون ڪيون وينديون هيون، انهن تبديلين کانسواءِ هر سال اهي مهينا مختلف موسمن ۾ ظاهر ٿين ٿا، هجري ڪيلنڊر جي چنڊ جي حرڪت کي معيار جي طور تي قائم ڪيو ۽ چنڊ ڏسڻ مسلمانن جي رسم ۽ رواج جو هڪ لازمي حصو بڻجي ويو، جنهن کي اهي مهينن جي تاريخن ۽ ساليانن موڪلن جي تعين لاءِ اختيار ڪن ٿا، اهي تاريخون سڄي دنيا جي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ۾ مختلف ٿين ٿيون، ڇو ته ملائيشيا ۽ برازيل ۾ مسلمان هڪ ئي وقت ۾ نئين مهيني جو چنڊ نٿا ڏسي سگهن، ان ڪري ته چنڊ جي حرڪت جي نوعيت زمين جي چوڌاري ان جي گردش ۽ وقت جي ڪري ان جي اڀرڻ ۽ لهڻ ۾ وقت وٺن ٿا، شمسي سال وانگر قمري سال به دنيا جي مختلف حصن ۾ مختلف وقتن ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ اهو هر ملڪ جي جاگرافيائي حالتن ۽ چنڊ جي ڏسڻ واري زاويي تي ٻڌل آهي.هجري سال جي معاملي ۾ اها پريشاني آهي ته نئين چنڊ کي ان جي پيدائش جي فورن پوءِ ڏسڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، ڇو ته هو سج جي روشني سان چمڪي ٿو، گڏيل عرب امارتن ۾ قائم عالمي فلڪيات جو مرڪز نماز جي وقت جو تعين ڪرڻ ۽ نئين چنڊ جي مشاهدي بابت اسلامي منصوبي جي نگراني وارو آهي، جيڪو 21 سال اڳ شروع ڪيو ويو هو ان منصوبي ۾ 800 کان وڌيڪ سائنسدان ۽ ماهر شامل اهن، جيڪي چنڊ جو مشاهدو ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ اهو مرڪز چنڊ جو شوقيه نظارو ڪرڻ وارن ماڻهن کي به اجازت ڏئي ٿو ته اهي چنڊ جو مشاهدو ڪرڻ جون پنهنجون تصويرون موڪلين جن کي هو چيڪ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ويب سائيٽ تي پڻ رکن ٿا.مرڪز جي ڊائريڪٽر محمد شوڪت عودا ٻڌايو ته چنڊ کي ڏسڻ جي معيار هزارين سالن کان ان ميدان ۾ دلچسپي رکندڙن کي پنهنجي طرف ڇڪي رکيو آهي، عودا وضاحت ڪئي ته نظر اچڻ جا معيار پوءِ تيار ٿيا اسان جي ابن ڏاڏن عرب ۽ مسلمان فلڪياتدانن جهڙوڪ الخوارزمي ۽ التاني سان گڏ گڏ اڄ جا جديد معيار به آهن، جن ۾ سڀ کان مشهور شيفر معيار، الياس معيار ۽ هڪ ملائيشين مسلمان فلڪياتدان، برطانوي برنالڊ يالوپ معيار ۽ ڏکڻ آفريڪا جي فلڪياتي رصدگاهه جو معيار وغيره شامل آهن. ان جي نتيجي ۾ عودا مشاهدي لاءِ هڪ معيار شروع ڪيو، جيڪو 2005ع ۾ هڪ آمريڪي سائنسي رسالي ۾ شايع ٿيو هو، اڄ ان کي گهڻن ماڻهن منظور ڪيو آهي ۽ عالمي فلڪيات مرڪز نئين چنڊ جي نگراني ۽ نماز جي وقت جو تعين ڪرڻ لاءِ ان تي ڀاڙي ٿو، اردن ۽ گڏيل عرب امارتن جا سرڪاري عملدار ان جي پيروي ڪن ٿا. اڄ تائين ڪيترائي ماڻهو هجري مهينن ۽ موڪلن جو تعين ڪرڻ لاءِ انساني اک سان چنڊ ڏسڻ تي ڀاڙين ٿا.عودا نشاندهي ڪئي ته چنڊ کي انساني اک سان ڏسڻ ۾ غلطي جو امڪان گهڻو آهي ۽ اهو هڪ اسلامي ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ مختلف هوندو آهي، انهن مان ڪجهه سائنس تي ڌيان نٿا ڏين، ان ڪري اهي ماڻهن کي تحقيقات لاءِ چون ٿا. انساني اک سان چنڊ ڏسڻ جي تصديق ٻن شاهدن تي ڀاڙي ٿي هو وڌيڪ چوي ٿو ته اهو هڪ قانوني مسئلو آهي جنهن ۾ اسان مداخلت نٿا ڪريون، هر ملڪ قانوني ۽ فقهي مسئلي ۾ آزاد آهي، پر اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته چنڊ جي سائنسي معيار مطابق جاچ ڪرڻ ۽ شاهديون قبول نه ڪرڻ وارا بهترين ملڪ هن وقت عمان ۽ مراڪش آهن، انساني اک ۽ دروبين سان ڏسڻ کانسواءِ اهڙا جديد طريقا به آهن جن ان عمل کي آساني بڻائي ڇڏيو آهي، انهن ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ يا ڊجيٽل دوربينيون آهن، انهن دوربينين کي هتي هتي منتقل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي پر ان تحت زاويي جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر تي ڀاڙيو ويندو آهي. مانيٽرنگ جي جديد ترين طريقن ۾ فلڪياتي ڪئميرائون به آهن جيڪي جرمنيءَ ۾ 2005ع ۾ ايجاد ٿيون ۽ دوربين تي رکيون ويون.