103

منصور جو آواز شهيد بشير خان قريشي …

ليکڪ :ديدار شام

سنڌ هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب، تمدن، سڀيتا ۽ شاندار ڪلچر رکندڙ صوفين جو ديس رهيو آهي، جتي پيار، محبت، امن، رواداري، لاڪوفيت، حق خوداري، مهمان نوازي ۽ خوشحالي سنڌين جي سڃاڻپ رهيا آهن. جنهن سبب دنيا جي سامراجي ذهنيت، ڦورو ۽ لٽيندڙ قومون وقت به وقت سنڌ مٿان ڪاهون ڪنديون رهيون آهن. ڪڏهن يونان پنهنجا ناپاڪ ارادا کڻي ماتر ڀومي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ڪڏهن ترخان هن ڌرتي کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جي ارادي سان سنڌ جي پيار، محبت، امن واري سرحد اورانگهي لنگهي آيا، ڪڏهن ارغونن ته ڪڏهن مغلن هن خطي کي غلام بنائڻ لاءِ حملا ڪيا، ڪڏهن وري انگريز سامراج حملي آور بڻيو پر سنڌ جي مٽي جي خمير مان پيدا ٿيندڙ جوڌن ۽ مڙس مٿيرن ماتر ڀومي مٿان سمورن حملي آورن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي مزاحمت ڪري پنهنجي جان نثار ۽ قربان ڪندا رهيا، راجا ڏاهر جي ويڙهه هجي يا دولهه درياهه خان جي مزاحمت هجي، يا دودي سومري، شاھه عنايت شهيد جي سنڌ مٿان قربان ٿيڻ ۽ مخدوم بلاول، سورھيه بادشاهه جي دليري هجي انهن سڀني سورهيه پٽن ۽ سورمن سنڌ مٿان حملو ڪندڙن جون متيون منجھائي ڇڏيون، جن جا قصا تاريخ جي ڪتابن ۾ تفصيل سان لکيل آهن، ان تسلسل جي سلسلي ۾ سنڌ جي دشمنن سان مهاڏو اٽڪائي سنڌ مٿان قربان ٿي ويندڙ شهيد بشير خان قريشي جي جدوجهد به کيس سنڌ جي انهن عظيم سورمن جي قطار ۾ آڻي بيهاري ٿي.سنڌ جي مٽي مان ڳوهجي رتيديري ۾ جيجل ماءُ جي ڪُک مان جنم وٺندڙ شهيد بشير خان قريشي ٻالڪ پڻي جا ڏينھڙا رتيديري جي مٽي هاڻين گهٽين، رستن ۽ دڳن تي رانديون ڪندي گذاري ٿو، هو جڏهن جوڀن ۾ داخل ٿئي ٿو ته پنهنجي ڳوٺ رتيديري کان وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۾ اچي ٿو، انهن ئي ڏينهن ۾ ايشيا جي عظيم رهبر سائين جي ايم سيد سان ملڻ لاءِ سن شهر پهچي ٿو، ته سيد جي شفقت، محبت، پيار ۽ مهمان نوازي ڏسي سيد جي پيرن ۽ هٿن تي چمي ڏئي سيد جو عشق ڏسي ۽ سمجهي پاڻ به سنڌ تان قربان ٿيڻ جو عزم ڪري سيد جي نظريي تحت سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد جي اڙانگي پنڌ تي هلي پئي ٿو، ٿوري وقت ۾ ئي شهيد بشير خان سائين جي ايم سيد جي ڏنل پيغام جي جدوجهد ۾ سچي سرواڻ ۽ سپاهي جي اميد تي پورو لهڻ لڳو، ائين ئي سن جي سائين بشير احمد قريشي کي بشير خان قريشي بڻائي ڇڏيو، ان کانپوءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ”تتي ٿڌي ڪاھ ڪانهي ويل ويهڻ جي“ لطيف سائين جي ان لازوال سٽ تي عمل ڪندي سيد جي فڪر کي هن جهر جهنگ پهچايو، ڪراچي کان ڪيٽي بندر، ڪارونجهر ۽ ڪشمور تائين سنڌ جي واهڻن، وستين ۽ شهرن تائين وڃي سنڌ جي رهبر جي فڪر جي پرچارڪ ڪئي، سنڌ جي مسئلن پوءِ اهو ڌاري آبادڪاري جو مسئلو هجي، آدم شماري جو مسئلو هجي، سنڌ جي وسيلن ڪوئلي، تيل، گيس، نوڪرين يا شهرن تي قبضي جو مسئلو هجي، سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جو مسئلو هجي يا ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جي نيلامي جو مسئلو هجي، هي سنڌ جو سورمو دودي جي للڪار بڻجي، جدوجهد جو ميدان سينگاريندو رهيو، سندس جدوجهد هن کي سڄي سنڌ ۾ قومي سرواڻ طور سڃاڻپ ڏني، سندس جدوجهد جو هي حصو به سندس سڃاڻپ رهيو آهي ته قبيلائي تڪرار ذات ۽ پات جي خوني تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ هي سدائين سنجيدا هوندو هو، ان سلسلي ۾ هي پاڻ سان گڏ منٿ ميڙ قافلي ۾ پاڪ ڪتاب، شاھ جو رسالو، سيد، نياڻيون ۽ درگاهن جا گادي نشين ساڻ ڪري جهيڙيندڙ ڌرين ڏانهن ميڙ وٺي ويندو هو ته ڪا به ڌر کيس عزت ڏيڻ کانسواءِ نه موٽائيندي هئي جهيڙيندڙ ڌريون کيس پنهنجو امين مقرر ڪري ڇڏينديون هيون، اهڙي طرح شهيد 300 کان وڌيڪ قبيلائي جهيڙن جو نبيرو ڪرائي چڪو هو، شهيد ماڻهن جي خوشي ۽ غمي ۾ شرڪت کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو، سندس اهڙي ڪردار ۽ عمل جي ڪري سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي، سنڌي ماڻهن جي ان موٽ، پيار، محبت، عزت کي ڏسي سائين جي ايم سيد جي فڪر لاءِ شهيد بشير خان ڪو تاريخي ڪم ڪرڻ گهريو پئي، جنهن جي سلسلي ۾ 7 نومبر 2009 تي سنڌ جي تاريخي تخت گاھه ڪراچي ۾ پيغام سنڌ مارچ جي نالي ۾ لکين ماڻهن کي گڏ ڪيو، پيغام سنڌ مارچ کانپوءِ 23 مارچ 2012ع تي سنڌ جي تاريخي تخت گاھه ڪراچي ۾ ئي ساڳئي هنڌ تي لکين سنڌي ماڻهن جو فريڊم مارچ ڪري سڄي دنيا جو سنڌ ڏانهن ڌيان ڇڪايائين، اهڙي طرح بشير خان قريشي سنڌ جو متفقه ليڊر بڻجي ويو، 23 مارچ فريڊم مارچ ۾ سندس تقرير جا هي تاريخي لفظ وساري نٿا سگهجن، ته ”منصور جو آواز پراڻو ٿي چڪو آهي، مان نئين سر دارو رسن کي سينگارڻ گهران ٿو“10 آگسٽ ان منصور شهيد بشير خان جي سالگرھه جو ڏينهن آهي، هر سال جيان سندس سالگرھه جي موقعي تي هزارين ماڻهو گڏ ٿي کيس سلامي ڀريندا ۽  سندس پارٽي پاران سندس مزار تي حاضري ڀري قومي سلامي پيش ڪئي ويندي جڏهن ته محرم هجڻ ڪري سندس مزار تي راڳ رنگ جي محفل نه ٿي سگهندي، شهيد صوفي انسان هو ان وٽ پيار، محبت، امن ۽ رواداري سميت سيد جو خاص پيغام هو، تنهن ڪري سندس سالگرھه واري ڏينهن کي صوفياڻي رنگ ۾ ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ سنڌ جا صوفي راڳي شريڪ ٿي کيس سُرن ۽ گيتن جي ڀيٽا پيش ڪندا آهن، جنهن سلسلي کي اڃا وڌائڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو