128

دماغ کي زندهه رکڻ لاءِ….

ليکڪ: مٺل جسڪاڻي

ڏيو منھن! سائين شبير احمد قريشي ٿو لکي ”دماغ کي زندهه رکڻ لاءِ ڪجهه ضروري ڪم جيڪي، سڀني پڪن پوڙھن لاءِ لازمي آھن، تنھن ۾ پھريون ڪم آھي دماغ کي گهڻي آڪسيجن پھچائڻ“ جنھن جو طريقو لکيو اٿن ”تيز پنڌ، ڊوڙڻ نه“. ٻيو ڪم لکيو اٿن ”سماجي رابطو“ ٽئين ۾ لکيو اٿن ”سکڻ سيکارڻ“ ان لاءِ لکي ٿو ”ڪتاب پڙھو، سير ۽ تفريح جا پروگرام ڏسو“… سندس مڪمل تحرير انتھائي ڪارائتي آھي، ان ڪري پڙھڻ ضروري آھي. اوھان به ضرور پڙھو، دماغ کي زندهه رکڻ لاءِ ڪجهه ضروري ڪم جيڪي سڀني پڪن پوڙهن لاءِ لازمي آهن تنهن ۾ پهريون ڪم آهي دماغ کي گهڻي آڪسيجن پهچائڻ. جنهن جو طريقو آهي پنڌ (واڪ). عام طريقي وارو پنڌ نه پر تيز پنڌ، ڊوڙڻ نه، روزانو ڪجهه وقت ڪڍو جنهن ۾ تيز چهل قدمي ڪيو، ٻي صحتمند سرگرمي آهي سماجي رابطو، خاص طور تي وڏي عمر وارا فرد دوستن جي محفل ڄمائين. ڀلي هڪ ئي دوست هجي پر شانائتو ۽ سلجهيل هجي، حوصلو ڏياريندڙ هجي پُرخلوص هجي. سٺي محفل سٺا دوست، ٽئين خاص ڳالهه دماغ کي تر رکڻ جي آهي ته سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل سڄي حياتي جاري رکو، توهان جو دماغ ڪم ڪندو رهندو، علم جي حڪمت جي ڳالهھ ڪٿان به ملي ته قبول ڪيو، توهان به پنهنجو علم، مشاهدو ۽ تجربو ونڊيندا رهو، ڪتاب پڙهو، سير ۽ تفريح جا پروگرام ڏسو، سائنس، ڊسڪوري ۽ هسٽري چينل ڏسو، پاڻ به ٻارن واري وندر ڪيو، سٺو پروگرام ٻارن کي سمجهايو، مايوس ماڻهن جي محفل کان ۽ تڪراري موضوعن کان پاسو ڪيو، مون کيس عرض اھو ڪيو آھي ته سائين، اوھان جي ”سھڻين صلاحن“ تي ٻڌل اوھان جي تحرير پڙھي اندازو ٿيو ته اوھان دماغ کي آڪسيجن پھچائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آھي، مبارڪون. ھونئن ته پنڌ ڪرڻ مسئلو نه آھي پر پنڌ ڪجي ڪٿي؟ گهر جي ڳالهه ٻاھر نه ڪبي، ٻاھر نڪرون ٿا ته…ڪھڙيون سچيون ڪجن؟ پھرين ته ڪتن جي خوف ۾ نڪرندي ئي ڊپ ٿو ٿئي، نڪرو ته اڇو مٿو ڏسي ھر ڪو عزت وارو سمجهي، ڪي پري کان، ڪي ويجهي کان سلام، پر ڪي دعائن لڳڻ جي آسري ويجها اچيو پون، ھٿ ملائين، احوال ڏين وٺن وغيرہ وغيره، سچائي سان عملي تجربو ونڊ ڪريو، ڪھڙو وقت بھتر آھي، پنڌ لاءِ ٻاھر نڪرڻ جو؟ ٻيو ته خير، رستي تي پاڻي جو دٻو به ڄڻ اوھان بيھاريو ھجي، دانھن اوھان کي ملندي، پوءِ خبر پاڙي ۾ ھلندي، ته نوٽيس نه ورتو، ڄڻ ته…سماجي رابطي جي ٿا ڳالهه ڪريو! ڪھڙي سماج ۾ ٿا رھو؟ زال مڙس جا، ڏير ڀاڄائي جا، سھري ننھن جا، پيءُ ڌيءُ جا، بجلي، گئس، پاڻي، صفائي، صحت، تعليم جا، ڪھڙا ڪھڙا مسئلا ٻڌي صلاح ڏئي سگهو ٿا؟ اوھان ته آھيو گهڻ پڙھيا، گهڻ گهميا، گهڻ عقليا، اسان کي ڇو پيا آزار ۾ وجهو، ڪو ووٽن ۾ بيھڻو آھي يا ڪو ماڻھو اسان جي مرضي سان ووٽ ڪندا، جو ھر اميدوار جي آجيان ڪجي ۽ ھا ڪجي… ڪتاب ته پڙھون پر ڪھڙو يا ڪھڙا ڪتاب؟ آڻيون ڪٿان؟ ھڪ ھڪ ڪتاب خريد ڪجي ته دڪان تائين ويندي ورندي، گهر جي پاڻي تي گذارو ڪندي، ٽول ٽيڪس کانسواءِ به ٻه ھزار رپيا خرچ ٿيو وڃن. ڀلا ٻه چار ڪتاب گڏ خريد ڪرڻ لاءِ نڪرجي ته انھن ڏوڪڙن ۾ گهر جو ڪو رھيل ڪم، گهر ۾ گهربل ڪو ضروري سامان، ڪي ڪپڙا لٽا وٺجن يا ڪتاب، سي به اھڙا، پڙھي، پاڻ تي ئي چڙي پئجي! پوءِ ته سائين ڊاڪٽر صرف في ته ڪو نه وٺندو…! سير تفريح جي صلاح ته ڏيو پيا پر نڪرجي ڪھڙي پاسي؟ گورک ھل، ٿر، ڪينجهر، ڏس ته ڏيو، پر ٻڌائجو، ناڙي ڇوڙ لاءِ ڪيترا پئسا کپندا؟ مايوسي ڏوھه آھي، ڄاڻي ٻجهي ڪڏھن ڏوھه نه ڪيو آھي، پر ايمانداري سان ٻڌايو، اوھان ڪنھن ڪنھن جا ڏوھاري نه آھيو؟… اوھان نه ھوندا، مون سان ته حالت آھي. ڳالھائڻ کانسواءِ به، خود اوھان به مون کي ئي ڏوھي ڪندا، خير، ٻاجهارو ٻاجهه فرمائي، آمين. اميدون سٺيون آھن، نيتون نيڪ آھن، وس ۾ جيترو ھوندو ضرور ڪبو، اميد ته محترم شبير احمد قريشي دل ۾ نه ڪندا، وڏي دل جي دعا نه ڪندس، دل وڏي به آزاري، دل ننڍي به ايذائي، صحتمند رھي سدا، آمين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو