97

پيئڻ جي پاڻي بابت تازي رپورٽ ۽ حڪومت جون ذميواريون…!!

ايڊيٽوريل

ملڪ جي 29 وڏن شهرن جو پاڻي زهريلو هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، حڪومت طرفان ملڪ جي 29 وڏن شهرن ۾ پاڻي زهريلو ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي جيڪو ڪينسر سميت سنگين بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير سينيٽر شبلي فراز طرفان قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ اهو انڪشاف ڪيو آهي، دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڻي ۾ آرسينڪ جي موجودگي چمڙي جي خرابي جو سبب بڻجي رهي آهي، قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزارت واري اداري پي سي ايس آءِ آر طرفان ورتل پاڻي جي نمونن جي نتيجن مطابق 29 وڏن شهرن جو پاڻي گدلو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، وڌيڪ تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو ته شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ گلگت بلتستان جو پاڻي 100 سيڪڙو غير محفوظ آهي، ملتان جو پاڻي 94 سيڪڙو، ڪراچي جو 93 سيڪڙو، بدين جو 92 سيڪڙو، بهاولپور جو 76 سيڪڙو، سرگوڌا جو 83 سيڪڙو، حيدرآباد جو 80 سيڪڙو، مظفر آباد جو 70 سيڪڙو ۽ سکر جو 67 سيڪڙو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، ايوان کي ٻڌايو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب پيئڻ واري پاڻي جي معاملي تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، پيئڻ جي پاڻي جي معاملي تي سمورن صوبن کي سياست کان مٿانهون ٿي قانون پاس ڪرڻ گهرجن. هيءَ انتهائي نازڪ ۽ سنجيده رپورٽ آهي، ڇو ته اها ڪنهن اين جي اوز يا ٻئي اداري جي نه پر وفاقي حڪومت طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ آهي، جيڪا اهو ٻڌائي رهي آهي ته اسان جي ماڻهن جي زندگيءَ کي ڪيتريون مشڪلاتون سامهون آهن ۽ اسان پنهنجي ماڻهن جي بنيادي ضرورتن جو ڪيترو خيال رکيو آهي، پاڻي جيئن ته زندگي جي ضرورتن مان هڪ اهڙي ضرورت آهي جنهن کانسواءِ جياپي جو تصور نٿو ڪري سگهجي، سنڌ اندر درياهي پاڻي جي کوٽ جي ڪري زير زمين پاڻي ڏينهون ڏينهن هيٺ ٿي رهيو آهي ۽ سامونڊي چاڙهه سبب بدين سميت لاڙ پٽ جا ڪيترائي شهر ۽ علائقا سم ۽ ڪلر جي ور چڙهيل آهن، جتي يقيني طور تي جر جو پاڻي پيئڻ لائق ناهي رهيو پر ڪراچي، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو هاڃيڪار هجڻ انتهائي خطرناڪ آهي، ڇو ته ڄاڻايل شهرن ۾ تمام وڏي آبادي رهي ٿي ۽ جيڪڏهن انهن شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪري بيماريون پکڙجن  ٿيون ته اهي وڏي تباهي آڻي سگهن ٿيون. اسان اڳ به چوندا آيا آهيون ته وفاق هجي يا صوبائي حڪومت انهن سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ايتري سنجيدگي ناهي ڏيکاري جيتري انهن کي ڏيکارڻ گهرجي، پر هيءُ نج سنڌ حڪومت جو مسئلو آهي، اسان کي خاطري آهي ته اهڙي رپورٽ جاري ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت يقينن پنهنجي عوام جي بچاءَ لاءِ قدم کڻندي ۽ انهن ۾ دير به نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته جيڪڏهن اهڙن معاملن ۾ دير ٿيندي ته ان جو نقصان تمام وڏو هوندو، جنهن جو ازالو ڏکيو ٿي پوندو، اسان سمجهون ٿا ته صوبائي حڪومت کي تڪڙن بنيادن تي اهڙا قانون آڻڻ گهرجن، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ اسان پنهنجي زهريلي ٿيندڙ جر کي بچائي سگهون ۽ جيڪو جر زهريلو ٿي چڪو آهي، ان جو سدباب ڪري سگهون، جي نه ته پوءِ گهڻي دير ٿي ويندي جيڪا عوام توڙي صوبي لاءِ خراب ثابت ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو