حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪئنٽونمينٽ بورڊ حيدرآباد جي چونڊن لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ وچ سنڌ جي صدر صداقت علي جتوئي حيدرآباد مان ڪئنٽونمينٽ بورڊ جي 10 وارڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنهن مطابق وارڊ نمبر هڪ لاءِ زاهد حسين جلباڻي، وارڊ نمبر 2 لاءِ راشد محمود، وارڊ 3 لاءِ محمد اشرف، وارڊ نمبر 4 ڪاشف قادر شيخ، وارڊ 5 لاءِ مسمات افشان رئوف، وارڊ نمبر 6 لاءِ محمد نسيم خان، وارڊ نمبر 7 لاءِ سيف الاسلام، وارڊ نمبر 8 لاءِ آزاد اميدوار جي حمايت ڪئي ويندي. وارڊ نمبر 9 لاءِ محمد عمران ۽ وارڊ نمبر 10 لاءِ عثمان غني پي ٽي آءِ جا اميدوار هوندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي صداقت علي جتوئي چيو ته اسان جا اميدوار عوام جو ترجمان ۽ خدمتگار آهن، اهي ڪئنٽونمينٽ بورڊ مان ضرور ڪامياب ٿيندا.
117