109

اقليتن جو قومي ڏينهن اسان جي آئين ۾ اقليتن جي حقن کي برقرار رکڻ جي عزم جو ڏينهن آهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته اقليتن جو قومي ڏينهن 11 آگسٽ قائداعظم جي ويزن جي ٻيهر توثيق ڪري ٿو ۽ اسان جي آئين ۾ موجود اقليتن جي حقن کي برقرار رکڻ جي عزم جو ڏينهن آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هي اسان جو فرض آهي ۽ اسان پنهنجي فرض کي پورو ڪرڻ لاءِ هر صورت ٽريڪ تي رهڻ گهرجي، صرف لفظن سان نه پر عملي طور پڻ. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ اسان ان عزم جي تجديد ڪريون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته اسان سمورن شهرين جا انساني حق آهن جيڪي محفوظ آهن، حڪومت جي اها ذميداري آهي هي پاڪستان لاءِ اسان جي باني جو ويزن آهي. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح جي مشهور تقرير مان هي سٽون کنيل آهن جنهن ۾ باني فرمايو ته ”اوهان سڀ آزاد آهيو، اوهان پنهنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو، اوهان رياست پاڪستان ۾ پنهنجي مسجد يا ڪنهن به عبادتگاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيون، اوهان ڪنهن به مذهب، ذات يا نسل سان تعلق رکندا هجو ان جو رياست جي معاملن سان ڪوبه تعلق ناهي، اسان بنيادي اصولن جي شروعات ڪري رهيا آهيون، اسان سڀ رياست جا شهري آهيون ۽ برابر جا شهري آهيون.“

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو