115

وطن عزيز ۾ اقليتي برادري جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل آهي:عمران اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته اڄ پاڪستان ۾ اقليتن جو قومي ڏينهن قائداعظم جي 11 آگسٽ 1947ع جي تاريخ ساز تقرير جي روشنيءَ ۾ ملهايو پيو وڃي. وطن عزيز ۾ اقليتي برادريءَ جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل آهي، ان سلسلي ۾ موجوده حڪومت هڪ شهريءَ جي حيثيت ۾ اقليتي برادري کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا سمورا موقعا فراهم ڪرڻ جا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته اقليتن جي عالمي ڏينهن ۾ اقليتن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي روشنيءَ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي ۽ پاڪستان جو آئين پڻ ان اسلامي اصول جي پاسداري ڪري ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو