سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي 26 ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. تفصيل موجب ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي برطرف ملازمن پاران ملازمت جي بحاليءَ لاءِ داخل درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس محمد جنيد غفار ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ِڌل ڊبل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ڏيندي چيو ته ملازمن ۽ انهن جي خاندانن جي مستقبل جو مسئلو آھي جنهن ڪري 26 ملازمن کي نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي.
