151

سنڌ حڪومت جديد مشينري جي فراهمي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي: منظور وساڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير جي زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ صوبي جي هارين جي هڪ وفد سان وساڻ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ هارين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سٺي فصل حال ڪرڻ لاءِ جديد ترين مشينري ۽ هارپي جا جديد طريقا اختيار ڪيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جديد مشينري جي فراهمي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي ۽ هارين کي جديد طريقن بابت آگاهي ۾ فراهم ڪئي ويندي. منظور حسين وساڻ صوبي جي هارين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت بهترين ٻج، سٺو ڀاڻ، جديد مشينري  ۽ سائنسي طريقن بابت آگاُھي جي ذريعي صوبي جي زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن سٺو فصل حاصل ڪري صوبي جي معيشت کي استحڪام ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي هارين جي هر ممڪن مدد ڪندي. ان موقعي تي ملڻ لاءِ آيل هارين زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ کي پنهنجي مسئلن بابت آگاھ ڪيو زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ حل ٿي سگهندڙ مسئلن جي فوري حل لاءِ عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو