115

بلديه عظميٰ ڪراچي جا سمورا ملازم 30 آگسٽ تائين ويڪسينيشن ڪرائين، مقرر وقت تائين ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ ملازمن جون پگھارون روڪيون وينديون: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب هدايت ڪئي آهي ته بلديه عظميٰ ڪراچي جا سمورا ملازم آفيس جي وقت دوران لازمي ماسڪ پائين ۽ سمورا آفيسر ۽ ملازم 30 آگسٽ تائين ويڪسينيشن ڪرائين جڏهن ته مقرر وقت تائين ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ ملازمن جون پگھارون روڪيون وينديون. اها هدايت هن ڪالهه اربع واري ڏينهن بلديه عظميٰ ڪراچي جي صدر آفيس ۾ آفيسرن جي هڪ اجلاس سان خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته ڪرونا جي خاتمي لاءِ ويڪسينيشن ڪرائڻ لازمي آهي شهر کي معمول تي آڻڻ لاءِ سمورا ماڻهون حڪومتي ايس او پيز تي عمل ڪن. ان ڏس ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽرمرتضيٰ وهاب جي هدايت تحت بلديه عظميٰ ڪراچي جي سمورن آفيسرن کي خط اُماڻيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪووڊ_19 جي چوٿين لهر کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ ڪي ايم سي جي سمورن ادارن جا سربراھ ان ڳالھ کي يقيني بڻائين ته آفيس جي حدن ۾ سمورو اسٽاف فيس ماسڪ پائي ۽ 30 آگسٽ 2021 تائين لازمي طور تي ڪووڊ_19 جي ويڪسينيشن ڪرائين جنهن جي سرٽيفڪيٽ جي تصديق ٿيل ڦوٽو ڪاپي ايڇ آر ايم کي اُماڻي ويندي. ٻي صورت ۾ ملازمن جي پگھار فوري طور تي روڪي ويندي. کاتي جي سربراهن کي ڪيل هدايتن تي سختي سان عملدرآمد ۽ ان جي رپورٽ لاڳاپيل کاتي کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو