125

سنڌ ۾ 13 ۽ 14 آگسٽ تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جشن آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي تخريبڪاري جي خدشي سبب سنڌ ۾ 13 ۽ 14 آگسٽ تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي، سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ رينجرز طرفان ٻڌايو ويو آهي ته آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي نڪرڻ ريلين کي دشمن ايجنسيون ۽ تخريبڪار عنصر ٽارگيٽ ڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري صوبي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي هنئي وڃي، سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عورتن، بزرگ شهرين، صحافين، معذور ماڻهن، 12 ورهين کان گهٽ عمر جي ٻارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن، نجي سيڪيورٽي گارڊن ۽ ضروري سروس ملازمن کي پابندي کان ڇوٽ هوندي،  پڌرائيءَ ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف لاڳاپيل ايس ايڇ او کي قلم 144 تحت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو