ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻارهين ڪلاس جي سالياني امتحان دوران يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو پاران ڪراچي جي مختلف امتحاني سينٽرن جا دورا، ڪاپي کي روڪڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪيون ويون. ان موقعي تي ڪالهه يونيورسٽيز اينڊ بورڊ واري کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو پاران سينٽ جوزف ڪاليج ۾ قائم امتحاني سينٽر جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته امتحاني سينٽرن جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيمون قائم ڪيون ويون آهن، ڪراچي ۾ 26 هزار اميدوار امتحان ڏئي رهيا آهن، صوبي ۾ 800 کان وڌيڪ امتحاني سينٽر آهن، هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ امتحاني سينٽرن تي 145 شاگردن ڪاپي ڪندي پڪڙيا ويا، جن ۾ ملوث 6 انويجيليٽرن مٿان سخت ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته بورڊ اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نقل کي روڪڻ لاءِ مانيٽرنگ سخت ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
