122

ڪورونا وائرس صورتحال: صوبي ۾ وڌيڪ 41 مريض فوت ۽ 2145 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 41 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 6316 ٿي ويو آهي جڏهن ته 19978 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 2145 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 41 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 6316 تائين پهچي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 19978 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 2145 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 10.7 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5209222 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن جي نتيجي ۾ 406092 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي انهن مان 86.6 سيڪڙو يعني 351579 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 1971 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 48197 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 46694 گهرن ۾ آئسوليٽ، 40 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 1463 مختلف اسپتالن ۾ آهن.  هن وڌيڪ چيو ته 1301 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 106 وينٽيليٽرن تي منتقل ڪيا ويا آهن. بيان موجب 2145 نون ڪيسن مان 1447 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 415، ڏکڻ 245، سينٽرل 319، ملير 222، ڪورنگي 153 ۽ اولهه 93 جا آهن. حيدرآباد ۾ 160، مٽياري 49، بدين 39، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد 36-36، سجاول 35، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ 29-29، ٺٽو 27، نوشهروفيروز 26، دادو 25، سکر 23، شڪارپور 20، ٽنڊوالهيار 19، لاڙڪاڻو 17، گهوٽڪي 15، جيڪب آباد ۽ ڄامشورو 12-12، ڪشمور 2 ۽ ٽنڊو محمد خان هڪ ڪيس آهي. ويڪسينيشن جي ڊيٽا شيئر ڪندي وڏي وزير چيو ته 9 آگسٽ تائين 8394142 ويڪسينون لڳايو ويون ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 205055 ويڪسينون هنيو ويون – مجموعي طور تي 8394142 ويڪسينون لڳايون ويون آهن جيڪي 25.19 سيڪڙو شرح بڻجي ٿي. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو