ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ پوليس مشتاق احمد مھر جي صدارت هيٺ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ حيدرآباد رينج ۾ محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي جي صورتحال سميت محرم الحرام جي حوالي سان حفاظتي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ھدايتون جاري ڪيون ويون اجلاس ۾ ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پيز ڊي آئي جي ھيڊ ڪوارٽرز سنڌ، اي آئي جي آپريشنز، اي آئي جي ايڊمن پڻ شرڪت ڪئي وڊيو لنڪ اجلاس ۾ حيدرآباد جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ عالمن، ذاڪرن، پروفيسر نواز علي ڀٽو، مرزا صديق بيگ، محبوب علي نامدار، ڊاڪٽر برڪت حسين لغاري، علي محمد شاڪر، علامہ اعجاز شريعتي، مولانا مريد حسين مري، مولانا مقبول محسني، محب علي ڀٽو، فرحان پتافي، عبدالغفور شاھ، سيد نادر حسين شاھ، محمد شريف خواجه، ارشاد علي ڪاهري، ڊاڪٽر سيد عبدالحسين شاھ، شبير شاھ، سيد جاويد شاھ حسيني، مظفر لغاري، مختيار دايو، سيد فدا حسين شاهه ڪاظمي، سيد منظور علي شاهه ۽ سيد اظھر علي شاهه شرڪت ڪئي. آئي جي سنڌ جو چوڻ هو ته محرم الحرام سال 2021 جي ڪانٽيجنسي پلان تي عملدرآمد جي اپائن بابت تمام اسٽيڪ ھولڊر پاڪستان رينجرز سنڌ . قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين تمام ادارن سان گڏ بهتر رابطن ۽ مشاورت تي خصوصي فوڪس رکيو وڃي. آئي جي سنڌ جو چوڻ هو ته مجلسن ۽ جلوسن دوران ڪرونا وائرس کي روڪڻ جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل ايس او پيز تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به قسم جي جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور تي پوليس ريسپانس جي لاءِ آفيسرن ۽ جوانن کي هر وقت تيار رکيو وڃي ان موقعي تي عالمن ۽ ذاڪرن محرم الحرام لاءِ سيڪيورٽي جي صورتحال جي حوالي سان ورتل اپائن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ پوليس کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
169