ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ چوري جي ھڪ ٻي وڏي واردات سيڪيورٽي ڪمپني جو ڊرائيور 20 ڪروڙ 50 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويو . مٺو در ٿاڻي جي حد آءِ آءِ چندريگر روڊ تي سيڪيورٽي وين جو ڊرائيور 20 ڪروڙ 50 لک روپيه کڻي فرار ٿي ويو. پوليس موجب واقعو ٻه ڏينهن اڳ پيش آيو، نجي سيڪيورٽي ڪمپني جو عملو طارق روڊ مان بينڪ جي رقم ڊليور ڪرڻ لاءِ ويو هو. آءِ آءِ چندريگر روڊ تي گارڊز ڪجهه رقم کڻي هيٺ لٿا ته ڊرائيور وين کڻي فرار ٿي ويو. ان حوالي سان پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته وين ۾ 20 ڪروڙ 50 لک روپيه هئا. ڊرائيور وين مسڪين گهٽي ۾ ڇڏي ۽ رقم کڻي فرار ٿي ويو. پوليس موجب سيڪيورٽي ڪمپني جي مدعيت ۾ 20 ڪروڙ 50 لک روپين جي چوري جو ڪيس مٺي در ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڊرائيور جي ڳولا به جاري آهي. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته تمام جلد وين جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري وٺنداسين. پوليس واقعي جي جاچ جي دائري کي وسيع ڪيو آهي. واردات واري جاءِ جي جيو فينسنگ ڪرائي ويندي. پوليس جوبدار ڊرائيور حسين شاھ جي گھر گلستان جوھر ۾ ڇاپو هنيو پر ملزم جو ڏس پتو نه ملي سگھيو. ڇاپي دوران ملزم جي پيءُ پوليس کي بيان ڏيندي چيو ته ھو جوابدار حسين شاھ کي 6 مھينا اڳ گھر مان ڪڍي چڪو آھي، سندن حسين شاھ سان ڪو به تعلق ناھي. جاچ پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور حسين شاھ جو تعلق خيبر پختونخوا سان آهي. ڪجهھ ڏينھن اڳ 6 ھٿياربند ڏوھارين مني چينجر جي گاڏي تي فائرنگ ڪري لکين رپيا ڦر ڪيا ۽ 2 سيڪيورٽي گارڊن کي قتل ڪيو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو ھو. ياد رھي ته ھلندڙ مھيني جي 4 تاريخ تي ڪراچي جي بفر زون ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڀرسان 6 جوابدارن واردات دوران مني چينجر جي ھڪ وين گاڏي تي فائرنگ ڪري ٻن ماڻھن کي قتل ڪيو ھو ۽ ڪيش ڦر ڪري 3 موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي فرار ٿي ويا .
