ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ بيبو ڪرينه ڪپور جي ٻئي پٽ جي نالي تي به ڀارت ۾ تنقيد شروع ٿي وئي آهي، اداڪاره پاران پنهنجي ڪتاب ۾ ٻئي پٽ جو نالو جهانگير رکڻ جي انڪشاف بعد تيز وسي ويا آهن، کوڙ سارن سوشل ميڊيا صارفين کي تيمور علي جيان جهانگير جي نالي تي به اعتراض آهي، ڀارتي اداڪاره سوارا ڀاسڪر ڪرينه ۽ سيف جي حق ۾ ميدان تي اچي وئي آهي، هن مخالفن کي ڀرپور جواب ڏيندي چيو آهي ته ٻار جو نالو رکڻ والدين جو حق آهي، اوهان اعتراض ۽ تنقيد ڪرڻ وارا ڪير ٿيندا آهيو.
