اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي وئي آهي ۽ وفاقي حڪومت جي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو پڻ ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ اربعا ڏينهن پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي حڪومت جي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ پي دي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ميڊيا کي اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ اتحاد ۾ شامل سمورين پارٽين جي سربراهن شرڪت ڪئي، جن مان ن ليگ جي سربراهه نواز شريف ۽ نائب صدر مريم نواز وڊيو لنڪ جي وسيلي شرڪت ڪئي. هن چيوته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ حڪومت جي خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ پوري ملڪ ۾ جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾21 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ اسٽيرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سموريون پارٽيون پنهنجي پارٽين جي اجلاسن کان پوءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون. 28 آگست تي ڪراچيءَ ۾ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ مختلف پارٽين جي تجويزن جو جائزو ورتوويندو ۽ انهن جي روشني ۾ وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. 29 آگسٽ تي ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي انتظام هيٺ جلسوڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ملڪ هن وقت ڏاڍين ڏکين حالتن مان پيو لنگهي، ملڪ جا آئيني ادارا معطل ڪيا ويا آهن، ملڪ انتهائي نازڪ حالتن ۾ اندرين توڙي ٻاهرين خطرن ۾ گهيريل آهي. ڪوڙي حڪومت اندرئين توڙي ٻاهرئين محاذ تي ناڪام ٿي رهي آهي، ملڪ هن وقت عالمي سطح تي اڪيلو ٿي پيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. صحافين تي حملا ٿي رهيا آهن، صحافين تي ايف آءِ اي جي وسيلي ٿيندڙ ڪيسن کي رد ڪريون ٿا، صحافين تان اهي ڪيس ختم ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ان تي اتفاق ڪيو ويو ته افغانستان جو حل رڳو لاڳاپيل ڌرين جي پاڻ ۾ ڳالهين سان ئي ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان کان وڌيڪ پاڪستان جو ڪو به وفادار نه آهي نه ئي ٻي ڪنهن کي ايترو وفادار سمجهون ٿا، ملڪ جا چاچا ماما ٿيندڙ پنهنجي گهرن ۾ ئي رهن. اهي اسان کي ان معاملي ۾ گهڻو پوئتي آهن. هن وڌيڪ چيو ته ادار پنهنجي دائري کان ٻاهر وارو ڪردار ختم ڪن، سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن جي اندر رهي پنهنجون ذميواريون نڀائين.نيب ۽ ايف آءِ اي سياسي ادارا ٿي چڪا آهن ۽ پنهنجي ساک وڃائي چڪا آهن ۽ اڻ ڌريا نه رهيا آهن. اهي ادار رڳو مخالف ڌر جي خلاف سياسي پلاندن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. مولانا وڌيڪ چيو ته عمران خان کي جوبائڊن فون نه ٿوڪري ۽ مودي وري عمران خان جو فون نه ٿو کڻي. هن وڌيڪ چيو ته اسين آزاد ڪشمير جي چونڊن جي نتيجن کي رد ٿا ڪريون، چونڊ سڌارن جي معاملي ۾ ووٽن جي مشين جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، پر اهو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين به ڌانڌ ليءَ جو هڪ طريقو آهي. هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ آفتاب خان شيرپائو کي پي ڊي ايم جو نائب صدر چونڊيو ويو.
