راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته اسان افغانستان ۾ امن لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، غلط فهميون پيدا ڪرڻ ۽ دوستن کي قربانيءَ جو ٻڪر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سازشي ڌرين جون سموريون سازشون ناڪام ڪرڻيون پونديون. اهڙو اظهار هن ڪورڪمانڊر ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان سلسلي ۾آءِ ايس پي آر جي ڊي جي جي جاري ڪيل بيان ۾ موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪورڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، اها ڪانفرنس ٻن ڏينهن تائين جاري رهي، جنهن ۾ ملڪ جي اندرين سيڪيورٽي، ٻاهرين خطرن ۽ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي غور ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪ کي آڏو آيل چئلينجن جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ انهن سمورن چئلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي حڪمت عملي ٺاهڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. آرمي چيف اثرائتي بارڊر ڪنٽرول لاءِ ورتل اپائن ۽ وڏي بارڊر مئنيجمينٽ رجيم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آرمي چيف ڪورونا جي صورتحال، مينهن سبب پيدا ٿيل ٻوڏ وارين حالتن ۽ پوليو مهم ۾ فارميشنز جي سهڪار جي پڻ واکاڻ ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته اسان افغانستان ۾ امن لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ اڳتي پڻ سنجيده ڪوششون ڪندا رهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته غلط فهميون پيدا ڪرڻ ۽ قربانيءَ جو ٻڪر ڳولهڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سازشي ڌرين جون سموريون سازشون ناڪام ڪرڻيون پونديون. آرمي چيف چيو ته اسين پوري خلوص سان چئون ٿا ته افغانستان جي مسئلي جو سياسي حل ڪڍيو وڃي، افغانستان ۾ جٽادار امن خطي جي لاءِ استحڪام جو ڪارڻ ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته ذمه داريءَ جو احساس ڪندي سموريون ڌريون پنهنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪن. آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس پاڪستان کي گهڻن پاسن کان آڏو آيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي قومي سوچ اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو.
