126

پي ڊي ايم اجلاس ٿيندا رهندا آهن،اپوزيشن جيڪو وڻي سو ڪري،عمران خان مدو پورو ڪندو: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم اجلاس ٿيندا رهندا آهن، اپوزيشن جيڪو وڻي سو ڪري،عمران خان مدو پورو ڪندو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف جو پاسپورٽ 16 فيبروري تي رد ٿي ويو آهي،شهباز شريف اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ درخواست نه ڏني، ان جو مدو به ختم ٿي ويو آهي، اپوزيشن جي بي اعتمادي سمجهه ۾نه پئي اچي،انهن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڀلي ڪن،وزيراعظم پنهنجا 5 سال پورا ڪندو پاڪستان ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو،پنهنجي سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت پڻ نه ڏني ويندي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾اسان 70 هزار جانيون قربان ڪيون آهن،پاڪستان جي اندر دهشتگردي جي واقعن جو خطرو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو