132

اقيليتن جي عبادتگاهن جو نقصان برداشت نه ڪنداسين،تحفظ لاءِ حڪم ڏئي ڇڏيا آهن:چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته اقيليتن جي عبادتگاهن جو نقصان برداشت نه ڪنداسين،تحفظ لاءِ حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، اقليتن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو ته مان عدالتن جي حد تائين ڪرپان کڻي وڃڻ جي اجازت ڏئي سگهان ٿو، پر ڪنهن ٻئي هنڌ تي کڻي وڃڻ جي اجازت لاءِ اٽارني جنرل سان رابطو ڪيو، چيف جسٽس چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هئس ته اقليتن جا ڪيترائي ڪيس ٻڌا، عدالت ۾ اقليتن جي حلف کڻڻ بابت جيڪڏهن مسئلا آهن ته اٽارني جنرل حل ڪري، منهنجي علم مطابق عدالت ۾ قرآن تي حلف رڳو مسلمانن کان ورتو ويندو آهي، اقليتن کان حلف ان جي مذهبي ڪتاب تي ورتو وڃي ٿو، چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد وڌيڪ چيو ته شعيب سڊل اقليتي ڪميشن ۾بهتر ڪم ڪري پئي،عدالتي اقليتي ڪميشن عدالت ۽ حڪومت ۾پل جو ڪردار ادا ڪري پئي، بدقسمتي سان ڪرڪ ۽ رحيم يار خان ۾مندرن تي حملا ٿيا،ڏاڍي تڪليف ٿي،اقليتن جي عبادتگاهن تي حملا ناقابل برداشت آهن، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته مندر، چرچ ۽ ٻيون عبادتگاهون به مسجد وانگر قابل احترام آهن،ڪنهن به معاشري ۾برداشت قوت جي موجودگي ضروري آهي، سپريم ڪورٽ سمورن شهرين سان برابر وارو سلوڪ رکندي آهي،اقليتن کي جيڪو حق پاڪستان ۾آهي اهو مسلمانن کي به ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو