ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽيل مل ۾انتظامي لاپرواهي،3 ارب 38 ڪروڙ ماليت جا پرزا ۽ سامان چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان اسٽيل ملز جي آڊٽ رپورٽ جاري ڪئي،اربين رپين جي غفلت ۽ بدعنوانين جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 3 ارب 38 ڪروڙن جا قيمتي پرزا، اسپيئر پارٽس ۽ مٽيريل چوري ٿيو،600سيڪيورٽي اهلڪارن باوجود چوري سنگين غفلت جو ثبوت آهي، پراوينڊنٽ فنڊ جا خرچ ڪيل 29 ارب 92 ڪروڙ 96 لک رپين جي رقم واپس جمع نه ڪرائي وئي،5 ارب رپين جي 250 ايڪڙ ايراضي تي قبضو ٿيو آهي، جڏهن ته اسٽيل ملز جو سي اي او فنڊن سان گڏ زمين جي حفاظت ۾به ناڪام ويو،سندس وڪري جي اهليت ۽ تجربي کانسواءِ ڪئي وئي هئي.
128