127

نواز شريف ٻيهر مختلف بيمارين ۾وٺجي ويو، ڊاڪٽرن سندس لنڊن ۾ رهڻ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ٻيهر مختلف بيمارين ۾وٺجي ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن سندس لنڊن ۾ رهڻ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اها ڳالهه نواز شريف جي وڪيل  عدالت ۾ جمع ڪرايل هڪ رپورٽ سان گڏ پنهنجي موف ۾ چئي آهي. امجد پرويز ايڊووڪيٽ نواز شريف جي 3 صفحن تي ٻڌل ميڊيڪل رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي. رپورٽ موجب ڊاڪٽرن نواز شريف کي سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ڪورونا وبا سبب کيس عوامي هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف مختلف بيمارين ۾ ورتل آهي، کيس وڌيڪ احتياط جي گهرج آهي، نواز شريف کي لنڊن ۾ پنهنجي اسپتال ڀرسان ئي رهڻ گهرجي. امجد پرويز ايڊووڪيٽ طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي، جتي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف سندس صحت کان آگاهه آهن، لنڊن ۾ نواز شريف جو بهترين علاج ٿي رهيو آهي. ٻي پاسي اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو ته نواز شريف علاج ڪرائڻ بنا واپس نه ايندو. نواز شريف جي صحت تا سياست نه ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو