136

نائن زيرو تان مليل هٿيارن جي ڪيس ۾11 ڄڻن جي سزا خلاف اپيل تي نوٽيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو مان هٿيار ملڻ واري ڪيس ۾ سزا يافته عبيد ڪي ٽو، فيصل موٽا، فرحان شبير سميت 11 ڄڻن جي سزا خلاف اپيل تي رينجرز جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر کي نوٽيس جاري ڪندي 12 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪندي ايم ڪيو ايم ڪارڪن عبيد ڪي ٽو کي طبي معائني جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل جوابدارن پاران داخل ڪيل اپيل جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل اپيلن تي ٻڌڻي دوران جسٽس ڪي ڪي آغا پڇيو ته جوابدار عبيد ڪي ٽو کي جيل مان عدالت ۾ ڇو آندو ويو آهي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته عبيد ڪي ٽو ذاتي حيثيت ۾ اپيل داخل ڪئي هئي جنهن تي عدالت جوابدار عبيد ڪي ٽو کان پڇيو ته اپيل جي پيروي لاءِ وڪيل ڪرڻو آهي يا سرڪاري خرچ تي وڪيل جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي جوابدار عبيد ڪي ٽو چيو ته ذاتي خرچ تي وڪيل جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، وڪيل ڪرڻ لاءِ پيسا ناهن ان ڪري ڪيس ۾ ڊگهي تاريخ ڏني وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو