ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلشن اقبال ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ڊسٽري بيوشن لائن ٽٽڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل 24 ورهين جي محمد ڪامران جي والد امين اسلام ڪي اليڪٽرڪ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک رپين جي معاوضي جي ادائيگي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 30 جولاءِ 2019ع تي گلشن اقبال ڊي 13 ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ڊسٽري بيوشن لائن ٽٽي پئي هئي، تارون مينهن جي پاڻي ۾ ڪرڻ سان سڄي گهٽي ۾ ڪرنٽ اچي ويو هو، منهنجو پٽ محمد ڪامران رات جو جيئن ئي گهران نڪتو ته ان کي ڪرنٽ لڳو ۽ هو فوت ٿي ويو، داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي غفلت ۽ لاپرواهي سان واقعو پيش آيو آهي جنهن ڪري ڪي اليڪٽرڪ کان هڪ ڪروڙ 80 رپين جو معاوضو ڏياريو وڃي.
134