145

نثار کهڙو خلاف ڪيس ۾نيب کي انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي گودامن مان ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ چوري ڪرڻ بابت نيب پاران پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو خلاف داخل ڪيل ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب کي 28 سيپٽمبر تي انڪوائري مڪمل ڪري اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نثار کهڙو جي ضمانت ۾ به 28 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه نثار احمد کهڙو پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران نثار کهڙو سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته نثار کهڙو سميت ٻين خلاف انڪوائري جاري آهي انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته نثار کهڙو خلاف فوڊ کاتي ۾ ڪرپشن بابت انڪوائري ڪئي پئي وڃي ۽ نيب پيپلز پارٽي اڳواڻ نثار کهڙو خلاف 3 انڪوائريون ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو