ڪراچي(ويب ڊيسڪ) توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته سنڌ خاص ڪري ڪراچي جي صنعتن کي سستي ۽ بنا رنڊ جي بجلي جي فراهمي لاءِ سنڌ جي توانائي واري کاتي، اينگرو اينرجي لميٽڊ ۽ ڪراچي جي صنعتڪارن جو هڪ گروپ تمام جلد 400 ميگاواٽ جي بجلي گھر جي تعمير لاءِ يادگيري تي صححيون ڪندا. هن چيو ته سج ۽ هوا مان حاصل ٿيندڙ توانائي تي لاڳاپيل هڪ بجلي گھر جهمپير ۾ تعمير ڪيو ويندو، جنهن جي لاءِ زمين سنڌ حڪومت فراهم ڪندي ۽ پهرين مرحلي ۾ هڪ بجلي 50 ميگاواٽ شمسي ۽ هوا مان بجلي تيار ڪئي ويندي جنهن کي جلد ئي 400 ميگاواٽ تائين وڌايو ويندو. ان بجلي گھر سان ڪراچي جي صنعتن کي بنا رنڊڪ جي بجلي فراهم ڪرڻ گرڊ ۽ ٽرانسميشن لائن به سنڌ جي توانائي کاتي جي ڪمپني سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (ايس ٽِي ڊي سي) لڳائيندي. توانائي وزري صوبائي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ معاهدي جا ضروري قانوني معاملا اجلاس ۾ طئي ڪيا ويا آهن ۽ تمام جلد مفاهمتي يادگيرين تي صححين جي فوري بعد منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو.
141