لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي پٽ جنيد جي شادي سيف الرحمان جي ڌيءَ عائشه سيف سان طئي ٿي وئي آهي. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب شادي ٻن هفتن کانپوءِ لنڊن ۾ٿيندي،گهوٽ جي ماءُ مريم نواز ۽ پيءُ ڪيپٽن ر صفدر شرڪت نه ڪري سگهندا، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ر صفدر شادي ۾شرڪت لاءِ حڪومت کي درخواست به نه ڏني آهي، گهوٽيتن شادي جا دعوت نامه مٽن مائٽن کي پهچائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
