ليکڪ: نور سنڌي
9 آگسٽ 2021ع تي مشھور سياستدان مير اعجاز ٽالپر ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، اسان فقيرن جي ساڻس نياز مندي رھي سندس لاڏاڻي تي سندس ساروڻيون ذھن جي پردي تي هليون ته نيڻ آلا ٿي ويا، مونکي ياد آھي ته 1983ع ۾ جنرل ضياءَ جي حڪومت خلاف سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿي چڪي ھئي، ان ايم آر ڊي تحريڪ دوران ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ مير اعجاز خان ٽالپر به گرفتاري ڏني ۽ کيس سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو جتي گرفتاريون ڏيندڙ سانگھڙ ۽ ھالا جي ڪارڪنن سان ملاقات لاءِ وڃڻ ٿيندو ھو، اتفاق سان جڏھن آئون سينٽرل جيل ۾ قيد ايم آر ڊي جي ھيروز سان ملڻ ويس ته ان وقت مير اعجاز ٽالپر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ دوست آيل ھئا ائين اتي پري کان مير اعجاز ٽالپر سان دعا سلام ٿيو ۽ مون پاڻ مرادو ٽيبل انٽريو ٺاھي فوٽو سان روزاني آفتاب ۾ ھلايو ، جڏھن 85ع ۾ غير جماعتي چونڊ ٿي رھي ھئي ته آئون وڃي ساڻس مليس مون جڏھن پنھنجو تعارف ڪرايو ته پاڻ مرڪندي چيو نورسنڌي کي ڪير ڪون سڃاڻي، مير اعجاز علي ٽالپر 10 فيبروري 1933ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ مشهور سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جي گهر ۾ پيدا ٿيو، انگريزن جي دور جو مشهور سياستدان مير بنده علي خان سندس ڏاڏو هو، هن شروعاتي تعليم ٽنڊي محمد خان ۽ بعد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي جنھن بعد زين پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ اين جي .وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان انگريزي تعليم حاصل ڪئي، آڪسفورڊ يونيورسٽي لنڊن مان زراعت ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي، 1956ع ۾ عملي سياست جي شروعات ڪندي پهريون ڀيرو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو، 1960ع ۾ ٻيھر ان جو ميمبر چونڊيو ۽ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊي محمد خان جو صدر چونڊيو، 1963ع ۾ آزاد اميدوار طور بدين ۽ ٽنڊي محمد خان جي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ،1964ع ۾ جنرل ايوب خان جي پاڪستان مسلم ليگ جو سينئر نائب صدر ٿيو 1965ع ۾ ٻيهر بدين ۽ ٽنڊي محمد خان جي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان وقت ورڪس ۽ سروسز کاتي جو وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مقرر ٿيو، 1969ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيپلز پارٽي ۾ بانيڪار ميمبر طور شامل ٿيو ۽ 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد جي گڏيل تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، 1972ع ۾ سنڌ حڪومت ۾ آبپاشي ،بجلي ،ڪميونيڪيشن ۽ ورڪس جو صوبائي وزير ٿيو، 1977ع ۾ وري ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد واري تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، 1984ع ۾ پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ جو نگران صوبائي وزير مقرر ٿيو، 1985ع ۾ ٻيهر غير جماعتي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ڪميونيڪيشن، ورڪس ۽ ٻيلي کاتي جو سينئر صوبائي وزير ٿيو.1987ع ۾ بلديات ۽ جهنگلي جيوت کاتي جو صوبائي وزير رهيو، 1988ع ۾ نگران حڪومت ۾ روينيو ۽ بحاليءَ واري کاتي جو نگران صوبائي وزير ٿيو، 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جو به حصو رهيو، جنهن دوران کيس پهرين ٻه مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۽ بعد ۾ ٽي مهينا بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد ڪيو ويو، 1985ع ۾ ٻيلي کاتي ،روڊس ۽ بلڊنگ کاتي سميت سنڌ جو سينئر صوبائي وزير رهيو، مير اعجاز علي خان ٽالپر 2008ع جي چونڊن تائين مسلسل سياست ۾ سرگرم رهيو پاڻ مسلم ليگ (ف) سان وابسطا ھو، ھن لاءِ مشھور آھي ته اقتدار ۾ رھڻ دوران ذاتي فائدا نه ورتائين، سندس فرزند مير عنايت ٽالپر مرحوم ٽنڊو محمد خان جو ضلعي ناظم ٿيو، مير اعجاز ٽالپر ھڪ بااصول سياستدان ھو جنھن بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي ھن سدائين عوامي سياست ڪئي سندس پٽ مير عنايت ٽالپر جي لاڏاڻي بعد سندس جيءُ جھري پيو، پاڻ ڪافي وقت کان بيمار ھئڻ ڪري سياسي دنيا کان پاسيرو ٿي ويو هو، هن تقريبن 95سالن جي ڄمار ۾ 9 آگسٽ 2021ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ لاڏاڻو ڪيو، کيس اباڻي ميرن جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.