ليکڪ: دانش نبي بخش شر
حضرت امام حسين (ع) جو خطبو ۽ عمر بن سعد جو لشڪر وٺي ڪربلا پهچڻ: تاريخن ۾ ملي ٿو ته حضرت سيدالشهداءَ امام حسين عليه السلام جيئن ئي ڪربلا ۾ لنگر انداز ٿيو ته پنهنجن ڀائرن، خاندان جي موجود مڙني فردن ۽ صحابن کي ڪٺو ڪري هڪ خطبو ارشاد فرمايو جنهن جو ترجمو هن ريت آهي ته ” خدا جي حمد ۽ ثنا بعد ارشاد فرمايائين ته ”خدايا اسان تنهنجي نبيءَ جي آڪهھ آهيون، اسان کي پنهنجي ناني جي وطن مان لڏائي دربدر ڪيو ويو آهي، بنو اميه وارن اسان تي ظلم ڪيو آهي، خدايا! تون انهن کان اسان جو حق اوڳاڙ ۽ اسان جي انهن جي مقابلي ۾ مدد فرماءِ! (توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته) اڪثر ماڻهودنيا جا پوڄاري آهن، دين ته انهن لاءِ هڪ چَٽپَٽي شيءِ آهي، رڳو پنهنجي ذاتي مفاد خاطر ان سان چهٽيل رهن ٿا. اهڙن ماڻهن تي جڏهن ڪا پرکا اچي ويندي آهي ته ڪي ٿورا وڃي دين تي قائم رهندا آهن، اسان کي اهو ڪجهھ پيش آيو آهي جو ڪجهھ توهان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيو، سچ ته دنيا مٽجي وئي آهي، مورڳو ابتي ٿي وئي آهي، نيڪيون پٺي ڏئي هليون ويون آهن، انهن جو نالو نشان به ناهي رهيو، جيئن ڪنهن پاڻيءَ جي ٿانو جي تري ۾ ڪو پاڻيءَ جو چُڪو بچندو آهي ۽ اهو به آخر ۾ ٿانءُ آگھاري هاري ئي ڇڏبو آهي، ان جيان نيڪيون به رڳو نالي ماتر ئي وڃي رهيون آهن، (معاشرو) هڪ خطرناڪ هُڙهيءَ جيان ٿي ويو آهي، ڇا توهان اهو نٿا ڏسو ته حق تي عمل ئي نٿو ٿئي؟ ناحق کان ڪو ڪنهن کي منع ئي نٿو ڪري؟ اهڙي ماحول ۾ ته هڪ سچي ۽ شريف مؤمن انسان کي پنهنجي رب کان سندس ديدار ۽ پنهنجي موت جي تمنا ئي ڪرڻ گهرجي، بلاشڪ مان موت کي دين جي دفاع جي راھه ۾ سواءِ سعادت جي ٻيو ڪجهھ به نٿو ڄاڻان ۽ ظالمن سان گڏ گذارڻ کان سواءِ اندر سڙڻ ۽ ڳڻتيءَ جي ٻيو ڪجهھ به نٿو سمجهان“ امام عليه السلام جا اهي لفظ ٻڌي نامور صحابي زُهير بن قين رضي الله عرض ڪرڻ لڳو ته اي رسول خدا (ص) جا ٻچڙا، توهان جو ڪجهھ ارشاد فرمايو اسان اهو چڱي طرح ٻڌو. (هي گهڙي سوا جي زندگي ته پنهنجي جاءِ تي پر) جيڪڏهن هيءَ دنيا اسان لاءِ هميشه لاءِ رهڻ جوڳي هجي ها ۽ اسان ان ۾ هميشه رهڻا هجون ها ته ان جي باوجود به اسان توهان سان گڏجي جهاد ڪرڻ ئي پنهنجي لاءِ انتخاب ڪريون ها، ان بعد بُرير همداني رضي الله اُٿي عرض ڪرڻ لڳو ته اي ابو عبدالله (حسين بن علي) تنهنجي ذريعي ته الله اسان تي احسان ڪيو آهي جو توسان گڏجي ۽ تنهنجي حڪم تي جهاد ڪرڻ جي سعادت ماڻيون، ڀلي اسان جا لڱ وڍجي ڌار ٿين (ڪا ڳالهھ ناهي) من ان عيوض توهان جو نانو رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم قيامت جي ڏينهن اسان جي ڪا شفاعت ڪري. بيان ٿي چڪو ته حضرت امام حسين عليه السلام 2 محرم الحرام سنه 61 هجري تي ڪربلا پهتو. حُر امام عليه السلام جي ڪربلا ۾ آمد جي ڄاڻ ڪوفي جي گورنر عبيدالله بن زياد کي پهچائي. انڪري عبيدالله هڪ خط امام عليه السلام ڏانهن موڪليو، جنهن جي عبارت هن طرح هئي ته ” مونکي امير يزيد جو حڪم ڏنل آهي ته ايسيتائين سک نه سمهان جيسيتائين توکي قتل نه ڪريان يا جيتري تائين توکي مان پنهنجي ۽ امير يزيد جي حڪم جي تابع نه ڪريان“.(زندگاني امام حسين،ص337). خط پڙهڻ سان حضرت سيدالشهداءَ عليه السلام کي ايتري ته دلي رنجش پهتي جو ڏک وچان فرمائڻ لڳو ته (ترجمو) ”ڪجھه نه ڪمائيندي اها قوم جيڪا ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجي رب جو ڏمر خريد ڪري“. خاطيءَ جڏهن امام عليه السلام کي خط جي جواب لاءِ عرض ڪيو ته امام (ع) وراڻيو(ترجمو) ”ان لاءِ مون وٽ ڪوبه جواب ڪونهي. انڪري جو ان خط جي لکڻ واري لاءِ خدائي عذاب لکجي چڪو آهي. خاطيءَ جڏهن عبيدالله بن زياد کي امام عليه السلام وارا لفظ ٻڌايا ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ عمر بن سعد کي ڪربلا ۾ امام (ع) سان جنگ ڪرڻ جي ماموريت ڏئي روانو ڪيائين. ان حڪم تحت عمر بن سعد چار هزار يا چئن هزارن کان مٿي جو هڪ لشڪر وٺي ڪربلا پهتو.