ليکڪ: عبدالسيد
افغان طالبان آڪٽوبر 1994ع ۾ مقامي مذهبي اڳواڻ ملا محمد عمر جي سربراهي ۾ افغانستان جي ڏکڻ صوبي قنڌار ۾ جنم ورتو، اڳوڻي افغان سفير ملا عبدالسلام ضعيف طالبان تحريڪ جي قيام تي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هن تحريڪ جي شروعات قنڌار ۽ ان جي چوڌاري موجود ديني مدرسن جي نوجوان کٿابين مان ٿي، سندس مطابق انهن ديني مدرسن جا شاگرد صوبي ۾ جهادي ڪمانڊرن ۽ انهن کي تسليم ڪندڙ اڳوڻن ڪميونزم جي باقي بچيل مليشيا هٿان پڪريل طوائف الملوڪي ۽ بدامني کان عوام کي بچائڻ لاءِ هٿيار کڻندا هئا، طالبان تحريڪ جي باني رڪن ملا عمر جي سالن تائين ترجمان رهندڙ ملا عبدالحئي مطمئن به ان موضوع تي هڪ ڪتاب لکيو آهي، هو چوي ٿو ته قنڌار کانسواءِ ان وقت افغانستان جي ڏکڻ، ڏکڻ اوڀر، اولهه ۽ مرڪزي سميت ٻين ڪيترن ئي پشتون اڪثريتي صوبن ۾ مقامي عالمن انفرادي طور تي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ امن امان لاءِ ننڍيون ننڍيون تحريڪون شروع ڪيون هيون پر انهن تحريڪن جو پاڻ ۾ رابطو نه هو، قنڌار ۾ ملا عمر جي تحريڪ جڏهن مختلف جهادي تنظيمن سان تعلق رکندڙ نامور ڪمانڊرن کي حيران ڪندڙ شڪستون ڏنيون ۽ انهن کي صوبي مان ڪڍي ٻاهر ڪري پنهنجو اقتدار قائم ڪيو ته ٻين صوبن مان مذهبي مدرسن سان لاڳاپيل ماڻهن جون تحريڪو به ڌڙا ڌڙ ملا عمر سان گڏجڻ لڳيون، ملا عبدالحئي مطمئن ۽ ملا عبدالسلام ضعيف مطابق طالبان جي شروعاتي جنگي ڪاميابين جو ٻيو اهم سبب افغان جهادي جي تنظيمن جي پاڻ ۾ نااتفاقي ۽ هڪٻئي جو قتل عام به هو، هر هڪ قنڌار مان طالبان جي وڌندڙ لشڪر جي ان اميد سان ڳجهي ۽ غير مشروط مدد ڪئي ته شايد اهو لشڪر سندن مخالفن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو، طالبان انهن جي اها غلط فهمي دور ڪري ڇڏي جڏهن انهن ڪنهن به نسلي، لساني، تنظيمي ۽ مسلڪي فرق کانسواءِ سمورين ٻين تنظيمن جو افغانستان مان خاتمو ڪري ڇڏيو، پوءِ اهي سڀ اتر افغانستان جي ڪجهه علائقن ۾ هڪٻئي جون رقابتون پردي پويان وجهي اتر اتحاد جي سربراهه ۾ طالبان کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا پر انهن جون اهي ڪوششون به ڪامياب نه ٿي سگهيون، طالبان تحريڪ تي شروع کان گهري نظر رکندڙ افغان صحافي سميع يوسفزئي جو چوڻ آهي ته 90ع جي ڏهاڪي تي طالبان تحريڪ جي ڪاميابي جو اصل سبب اهو ٿيو ته افغانستان ۾ رڳو نالي جي مرڪزي حڪومت هئي، جهادي تنظيمون پاڻ ۾ وڙهي رهيون هيون، بدامني جو دور عروج تي هو ۽ ان مجموعي صورتحال مان پريشان عوام طالبان جي ان اميد تي حمايت ڪئي ته شايد ملڪ ۾ امن قائم ٿي وڃي. مصنف ۽ اڳوڻي دفاع وار يوزير شاهه محمود مياخيل مطابق امن امان قائم ڪرڻ سان گڏ طالبان پنهنجي شروعات ۾ ڪجهه اهڙن بيانن کان به ڪم ورتو جنهن مان افغان عوام کي اها اميد ٿي وئي ته شايد طالبان افغانستان جي اڳوڻي بادشاهه ظاهر شاهه کي اقتدار ۾ آڻڻ چاهين ٿا، يعني اها اميد ته ان سان 70ع واري ڏهاڪي کان اڳ وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ ڪجهه حد تائين مضبوط مرڪزي حڪومت ميسر ٿي ويندي، يوسفزئي جو چوڻ آهي ته ڪابل پهچندي ئي طالبان ملڪ ۾ هڪ انتهائي بنياد پرست حڪومت قائم ڪئي، جنهن سان افغانستان جا پرڏيهي دنيا تي دروازا بند ٿي ويا ۽ افغان عوام جي نين تڪليفن جي شروعات ٿي، طالبان جي سخت گير بنياد پرست حڪومت قائم ٿيڻ سان افغان عوام مايوس ۽ بيزار ٿي ويو پر ٻئي طرف طالبان کي پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ سان جلد ئي افغانستان ۾ موجود تجربيڪار غير ملڪي ويڙهاڪن جي حمايت ملي وئي. ان حمايت طالبان کي فوجي محاذ ۽ ملڪ تي پنهنجو قبضو ڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڏني، اقتدار ۾ ايندي ئي طالبان افغانستان کان ٻاهر موجود پنهنجي هزارين ساٿين کي به ملڪ واپس اچڻ جي دعوت ڏني، انهن فردن ۾ انهن ڪشمير جهادي تنظيمن جا ميمبر به شامل هئا جيڪي والاريل ڪشمير ۾ ويڙهه ۾ مصروف هئا.ان کانسواءِ القاعده سميت عرب دنيا ۽ وچ ايشيا سان تعلق رکندڙ جهازي تنظيمن جا تجربيڪار ويڙهاڪ به طالبان جي صفن ۾ اچڻ شروع ٿيا. انهن تنظيمن جا ماهر ويڙهاڪ طالبان جي مختلف جنگي محاذن جا نگران به رهيا ۽ انهن کي ويڙهه جي تربيت به ڏيندا رهيا. ٻين غير ملڪي ويڙهاڪن جي طالبان جي حڪومتي دور ۾ نمايان ڪردار طالبان مخالف افغان قوتن جي ان بيانيي کي طاقت ڏني ته دراصل طالبان پاڙيسري ملڪ پاڪستان جو هڪ ”نيابتي گروهه“ آهي، جنهن ۾پوري دنيا جا انتهاپسند جهادي گڏ ٿي چڪا آهن، ان تاثر طالبان مخالف افغان قوتن کي آخر تائين طالبان خلاف عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني. اڄ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گڏيل قومن ۽ ٻين مستند ادارن جون رپورٽون ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿيون ته اڃا به افغانستان ۾ القاعده، وچ ايشيائي گروهه ۽ پاڪستان ويڙهاڪ هزارن جي تعداد ۾ افغان طالبان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن پر طالبان نه صرف انهن جي موجودگي کان انڪار ڪن ٿا پر انهن کي اهڙي وجهي حڪمت عملي سان استعمال ڪري رهيا آهن جو انهن گروهن جو 90ع جي ڏهاڪي وانگر چٽو افغان طالبان سان گڏ هجڻ جو ڪو مستند دستاويزي ثبوت به موجود نه آهي، جيڪو عوامي سطح تي طالبان خلاف استعمال ڪري سگهجي. طالبان لاءِ ٻي اهم اندروني مشڪل انهن مٿان پاڪستان جي نيابتي قوت هجڻ جو ليبل رهيو آهي، سمورين احتياطي تدبيرن باوجود طالبان کي اڃا به افغانستان ۾ اهو طعنو ڏنو ٿو وڃي جنهن سان افغانستان ۾ ئي موجود هڪ اهم طبقو انهن جو سخت مخالف آهي، نائن اليون کانپوءِ طالبان جي پاڪستان سان قربت وڌيڪ گهري ۽ وسيع ٿيندي وئي، طالبان کي اتر اتحاد بدران هاڻ هڪ وڏو طاقتور دشمن سامهون هو، جنهن خلاف طالبان هڪ مضبوط سياسي حڪمت عملي کان ڪم ورتو، هڪ طرف القاعده ۽ ٻين پاڪستاني رياست دشمن مقامي ۽ غير ملڪي ويڙهاڪ ان جي پويان هئا ته ٻئي طرف ملا عمر حقاني نيٽ ورڪ جي سربراهه جلال الدين حقاني کي پاڪستاني رياست جي اقتداري حلقن ۾ بااثر پنهنجي هم خيال فردن ڏانهن مدد ۽ حمايت لاءِ موڪليو. پاڪستان فوج جي اڳوڻي سربراهه جنرل اسلم بيگ جي هڪ انٽرويو مطابق 2003ع جي شروعات ۾ حقاني ملا عمر جو پيغام کڻي بيگ سميت راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي ٻين اهم شخصيتن سان مليو، نائن اليون کانپوءِ پاڪستاني فوج جي آمريڪا جي حمايت کي پاڪستان جي مجبوري قرار ڏئي طالبان طرفان ان کي نظرانداز ڪرڻ ۽ طالبان کي درپيش وڏي جنگ لاءِ پاڪستان کان مدد جي تقاضا ڪئي، افغانستان جي سياست ۽ تاريخ تي نگاهه رکندڙ پاڪستان جي سينيئر سياستدان افراسياب خٽڪ جو چوڻ آهي ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ طالبان لاءِ پاڪستاني رياست جي حمايت ڪو ڳجهو معاملو نه هو پر ان جو برملا اظهار ڪيو ويندو هو، هو چوي ٿو ته نائين اليون کانپوءِ عالمي سياست جي دٻاءُ جي ڪري جيتوڻيڪ پاڪستان ان حمايت کان هميشه انڪار ڪيو آهي پر اها هاڻ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌي ٿي چڪي آهي. افغانستان اندر اڃا به جيڪو طبقو طالبان جو سخت مخالف آهي اهو نائن اليون کانپوءِ وڏو ٿيندڙ اهو تعليم يافتا نوجوان آهي جيڪو عالمي ۽ علائقائي سياست جي رمزن کان واقف آهي ۽ ان ڪري ئي پاڪستان جي طالبان لاءِ ان ڳجهي حمايت کان آگاهي رکندي افغان طالبان جو سخت مخالف آهي. اڄ جي طالبان جي عسڪري قوت جو هڪ اهم راز طالبان جو غير پشتون قوم کي پنهنجي صفن ۾ جاءِ ڏيڻ به ٿي سگهي ٿو. پاڪستاني صحافي عقيل يوسفزئي جو چوڻ آهي ته 90ع واري ڏهاڪي ۽ اڄ جي طالبان تحريڪ ۾ هڪ وڏو اهم فرق اهو به آهي ته نائن اليون کانپوءِ طالبان پنهنجي تحريڪ ۾ غير پشتون قومن جي فردن کي به اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏني آهي، هو سمجهي ٿو ته ان جو وڏو سبب ان جو اثر رسوخ اتر افغانستان جي انهن علائقن ۾ پکڙيو جيڪي ان جي مخالف اتر اتحاد جو مضبوط ڳڙهه هئا.عقيل يوسفزئي مطابق ان دليل جو ثبوت طالبان جي موجوده قيادت تي نظر وجهڻ سان وڌيڪ واضح ٿي وڃي ٿو، مثال طور طالبان ملٽري ڪميشن جي موجوده نائب سربراهه قاري فصيح الدين جو تعلق بدخشان صوبي جي تاجڪ نسل سان آهي، بدخشان ۽ ان سان لاڳاپيل تخار انهن ٻه تاجڪ اڪثريتي صوبن مان آهن جيڪي اتر اتحاد جو مضبوط ڳڙهه هئا ۽ طالبان هر قسم جي ڪوششن باوجود انهن تي قبضو نه ڪري سگهيو هو، هاڻ اهي ٻئي انهن پهرين صوبن مان آهن، جن جي سمورن ضلعن تي سواءِ صوبائي مرڪزن جي طالبان پنهنجي تازين اڳڀرائين ۾ سڀ کان اول قبضو ڪيو. طالبان جي اتر افغانستان ۾ انهن حيران ڪندڙ اڳڀرائين جي اصل حڪمت عملي اها ٿي ته انهن گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ انهن قومن جي اندروني، سماجي ۽ اقتصادي فاصلن مان فائدو کڻندي انهن جي اندر پنهنجا مضبوط ساٿي پيدا ڪيا. انٽرنيشنل ڪرائسز گروپ افغانستان سان لاڳاپيل نوجوان افغان محقق ابراهيم باحث جو چوڻ آهي ته هاڻ تاجڪ ۽ ازبڪ کانسواءِ طالبان جي مقامي صفن ۾ هزاره قوم جا ماڻهو به شامل آهن، جن جي طالبان سان نائين اليون کان به خونريز ويڙهن جي هڪ ڪاري تاريخ موجود آهي.تازو ئي طالبان پنهنجي سرگرم اڳواڻ ملا امير خان متقي جي هزاره اڪثريتي افغانستان جي مرڪزي صوبي دايڪندي ۾ هزاره اڳواڻن سان ملاقات جي هڪ وڊيو به نشر ڪئي، جنهن ۾ متقي هزاره قوم جي اهل تشيح کي طالبان جو ڀاءُ قرار ڏيندي انهن کي مستقبل ۾ طالبان حڪومت ۾ برابر جي نمائندگي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ٿو. عقيل يوسفزئي مطابق طالبان جي قيام جا شروعاتي هدف مقامي ۽ غير واضح هئا. انهن کي هڪ سال اندر افغانستان جي 85 سيڪڙو رقبي سميت ڪابل جو ڪنٽرول مليو ۽ ائين اوچتو انهن کي سڄي ملڪ جو اقتدار ملي ويو، جنهن لاءِ هو ذهني طور تي تيار نه هئا. ان ڪري طالبان کي هڪ وڏي فردي قوت گهربل هئي ته جيئن هو پنهنجي اقتدار جو تحفظ ڪري سگهن، شايد اها ضرورت رهي هوندي جو باحث جو چوڻ آهي ته 90ع واري ڏهاڪي ۾ طالبان جي ويڙهاڪ قوت جي خاصيت اها هئي جو اها قبائلي طرز تي هئي، جنهن ۾ ڏکڻ افغانستان جا مختلف پشتون قبيلن سان لاڳاپيل طالبان جا اهم ڪمانڊر پنهنجي قبيلي جي فردن جا مضبوط گروپ هئا، اهي طالبان جي ويڙهاڪ قوت کي پورو ڪندا هئا پر 2007ع کانپوءِ طالبان اندر منظم تنظيم سازي جنم ورتو. عسڪري، سياسي، ميڊيا ۽ مالي سميت قسمين قسمين ڪميشنون بڻايون ويون جنهن تحت قبيلن ۽ فردن بدران طالبان تحريڪ کي نظم جي تابع ڪيو ويو، ان کانسواءِ صوبائي ۽ ضلعي اڪاين ۾ تنظيمي ورهاست جي ذريعي طالبان سڄي ملڪ ۾ پنهنجي اثر وارن علائقن لاءِ صوبائي ۽ ضلعي گورنر مقرر ڪيا ۽ هڪ متوازي حڪومت به ٺاهي. باحث جو چوڻ آهي ته سمورن ذيلي ويڙهاڪ گروهن کي ختم ڪري انهن کي تنظيم جي ساخت ۾ شامل ڪيو ويو ۽ جنهن ان کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ان کي تحريڪ مان ٻاهر ڪڍي ويو، افغان طالبان جي اعليٰ قيادت جي انتهائي ويجهڙو رهندڙ خالد زدران ٻڌايو ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ طالبان جي شروعات جيتوڻيڪ نوجوان کٿابين سان ٿي جيڪي جنگي ۽ سياسي حڪمت عملين کان ناواقف هئا پر هاڻ طالبان هڪ منظم قوت بڻجي چڪا آهن، زردارن جو چوڻ آهي ته طالبان هاڻ هڪ اهڙي منظم فوج ٺاهڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن، جن جي ريگيولر آرمي وانگر باقاعده وردي ۽ هڪ منظم تنظيمي صورت هوندي. هن مطابق هن وقت تائين طالبان هڪ لک ويجهو ويڙهاڪن کي تربيت ڏني آهي. زردان جي اها دعويٰ طالبان جي آمريڪا سان ٺاهه کانپوءِ انهن جي وڊيوز مان به واضح آهي، ان ۾ طالبان پنهنجي تربيتي مرڪزن جا وڊيوز ڏيکاريا آهن، جن ۾ سوين مقرر آفيسرن کي جديد فوجي تقاضائن مطابق جنگي تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن، طالبان پنهنجي ان نون تربيت ورتل ويڙهاڪن جو نالو به ”فاتح قوت“ رکيو آهي ۽ سندن دعويٰ آهي ته انهن جون اهي ڪوششون مستقبل ۾ انهن جي اقتدار هيٺ افغانستان جي سرحدن ۽ ملڪ ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ جديد تقاضائن مطابق فوجي قوت تيار ڪرڻ جو هڪ تسلسل آهي، دوحا ٺاهه کانپوءِ طالبان پاڻ کي افغانستان جي ويجهي مستقبل جو حڪمران تصور ڪري ويٺل اهن ۽ پنهنجي حامين کي مسلسل خاطري ڪرائين ٿا ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي افغانستان مان ڪڍڻ انهن جي جنگ جو هڪ جزوي حصو هو. جڏهن ته سندن 20 ورهين جي جدوجهد جو اصل مقصد ملڪ ۾ 90ع وانگر سندن تعريف ٿيل طرز جو اسلامي نظام ٻيهر قائم ڪرڻ آهي. ميان خيل جو چوڻ آهي ته موجوده اڳڀرائين ۽ اهم علائقن تي قبضي جي باوجود طالبان جي اڪيلي سر ڪابل ۾ ٻيهر حڪومت ڪرڻ ممڪن نظر نٿو اچي، پر يوسفزئي جو چوڻ آهي ته ائين ممڪن آهي، هو چوي ٿو ته طالبان ماضي وانگر طاقت جي زور تي ڪابل ۾ حڪومت قائم ڪري سگهن ٿا پر موجوده افغانستان تي حڪومت قائم ڪرڻ انهن جي وس جو ڪم نه آهي، ڇو ته هاڻ افغانستان جا ماڻهو جديد تعليم سان آراستا ۽ جمهوريت کان آگاهه ٿي چڪا آهن ۽ طالبان انهن مٿان پنهنجي ماضي وانگر سخت گير حڪومت نٿا هلائي سگهن، يوسفزئي جو چوڻ آهي ته جيستائين طالبان جي عالمي برادري سان پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ تي سوديبازي نه ٿئي ڀلي هو طاقت جي زور تي حڪومت قائم ڪري به وٺن پر انهن کي ماضي وانگر عالمي برادري جي پابندين سان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، هو چوي ٿو ته اڃا تائين افغانستان جي جن ضلعن تي قبضو ڪيو آهي، عالمي برادري ان سلسلي ۾ طالبان مان سخت نااميد نظر اچي رهي آهي.