100

وزير اعظم جو ڪراچي جو دورو ۽ انديشا ….

ليکڪ: علي محمد ميمڻ

.وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ۽ وفاقي حڪومت جي شعبي شپ يارڊ ۾ پڻ پنهنجا قدم گهمايا، ان موقعي تي وزيراعظم جو  چوڻ هو ته دنيا جي سهاري تي هلڻ ۽ پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ سبب ملڪ ڪمزور ٿيو آهي، هاڻي ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، يقينن وزير اعظم جو چوڻ بلڪل درست پر سندس حڪومت جو عمل وري پنهنجي سمورن منصوبن ۽ واعدن جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، هن حڪومت جي دور جي اها اڻوڻندڙ حقيقت آهي ته پي ٽي آءِ واري سرڪار طرفان ملڪ جي اڳوڻين سمورين حڪومتن جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض کنيا ويا آهن، جنهن ڪري هاڻي ته ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ بااختيار ۽ ڄاڻايل مقبول حڪمران عمران خان واري حڪومت ۾ ئي ملڪ اڳ کان به وڌيڪ قرضي ۽ بدحال ٿي ويو آهي، وزير اعظم جو دورو ڪراچي شهر ۽ صوبي لاءِ لاڀائتو ۽ مفيد ٿيڻ گهرجي ها ۽ سندس اعلانن موجب ڪراچي ترقياتي پيڪيج جا 11 سئو ارب رپين جا منصوبا هاڻي وفاقي حڪومت کي شروع ڪرڻ گهرجن ها، جنهن جو ڪراچي جي شهرين کي بي چيني سان انتظار آهي، پر وزير اعظم جي تازي دوري ۾ پڻ اهڙي قسم جون ڪي وڻندڙ خبرون ۽ خوشخبريون اڃا تائين منظر عام تي اچي نه سگهيون آهن، جڏهن ته وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري جي حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزيرن ذريعي اهي خبرون منظر عام تي اچي چڪيون هيون ته حڪمران جماعت طرفان شايد سنڌ جي چونڊيل حڪومت خلاف ڪي ڪارروايون رٿيون ويون آهن، جنهن تي عمل ٿيڻو آهي، وزير اعظم جي سنڌ جي صوبائي دارالحڪومت اچڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي به  اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو ۽ نه ئي صوبي جي وزيراعليٰ سان سنڌ صوبي ۽ ڪراچي پيڪيج تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪو اجلاس يا گڏجاڻي ٿي هئي، ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته وزيراعظم شايد پنهنجي نجي دوري لاءِ سرڪاري خرچ تي ڪراچي آيل هو، جنهن دوران صرف سنڌ حڪومت ڪيرائڻ يا پنهنجي پارٽي ۽ اتحادين کي حوصلو ڏيڻ لاءِ ئي تڪليف ڪئي هئي. ان کانسواءِ وفاق ۾ پڻ حالتون وڻندڙ نه آهن، وفاقي حڪومت جي هاڻوڪي بجيٽ به آءِ ايم ايف جي تيار ڪيل هئي، جنهن کي منظور ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽ جي سمورن قانونن ۽ قاعدن جي لتاڙ ڪئي وئي ۽ ان تڪراري بجيٽ تي اعتراض ڪندڙ مخالف ڌر جي پارٽين کي صرف لٺيون نه هنيون ويون باقي انهن کي بي مانائتو ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي، ملڪ جي پارليامينٽ ۾عالمي مالياتي ادارن جي منصوبن، بجيٽ وارن پئڪيجن ۽ يورپي نغمن ۽ سازن جو مان مٿانهون ڪرڻ ۽ انهن کي قبول ڪرائڻ لاءِ جيڪو تماشو ڪيو ويو اهو سمورو عمل جمهوريت کي بدنام ڪرڻ ۽ جمهوري ايوانن جي توهين ڪرڻ وارا منظر  پيش ڪري رهيو هو، پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ سرڪاري ڪارروائين تي سموري ملڪ ۾ افسوس ۽ نندا ڪئي وئي پر افسوس ته رانديگر حڪمرانن جي نرڙ تي ڪنهن به قسم جي پشيماني وارو ڪو گهنج به نروار نه ٿيو، هن وقت  اسان جو ملڪ عملي طور تي عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف) وٽ گروي ڪيو ويو آهي، جنهن جي حڪم ۽ هدايتن تي ملڪ ۾ مهانگائي، بک، بيروزگاري عام آهي ۽ قومي ۽ ملڪي مفادن کي پاسيرو رکيو ويو آهي، ملڪ جي حق ۽ مفادن وارين رٿائن، فيصلن ۽ منصوبن جي اڳتي وڌڻ وارن رستن ۽ ڪمن تي عملي طور تي جبل جيڏيون رڪاوٽون بيهاريون ويون آهن، ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته ملڪ تي هڪ ڀيرو وري ڪنهن نئين برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪمراني قائم ٿي وئي آهي، حڪومت پڻ عملي طور تي ملڪ ۽ قوم کي قرض ڏيندڙن اڳيان هٿ پير ٻڌل جوابدارن ۽ ڏوهارين وانگر منهن ڀر ڪيرائي پيش ڪري رهي آهي، ان افسوسناڪ عمل ۾ حڪمران عملي طور تي پرڏيهي ڪمپنين جي وفادارن ۽ خدمتگارن وارو ڪم ڪرڻ ۾مصروف آهن، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جو گهڻي ڀاڱي وهنوار پرڏيهي ڪمپنين ۽ مالياتي ادارن جي حوالي ڪري پاڻ مست ۽ مجنون سرڪار بڻجي چڪي آهي، وفاق ۽ سنڌ صوبي جي وسيع تر مفاد ۾ وفاقي حڪومت ۽ ان جي اختيارين کان اها گهر ڪرڻ ضروري ٿا سمجهون ته پنهنجي وفاقي ۽ وڌيڪ ٻن صوبن ۾حڪومتن جا ٽي ٽي سال مڪمل ٿيڻ بعد ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۾ وري عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن ۽ عوام وٽ پنهنجي ڪارڪردگي جي ثبوتن سميت پيش ٿيڻو آهي، تنهنڪري هاڻي حڪمرانن کي  پنهنجي باقي مدي وارا 2 سال ملڪ ۽ عوام جي حق ۾فائديمند بنائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم ۽ سندس وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سنڌ صوبي جا سمورا مالياتي حق ۽ رهتون بنا دير ادا ڪيون وڃن ۽ ڪراچي لاءِ اعلانيل 11 سئو ارب رپين جي ترقياتي پئڪيج  تي بنا دير عمل ڪيو وڃي ته اهو ئي عمل ملڪ ۽ سنڌ صوبي جي مفادن ۾ ٿي سگهي ٿو پر جيڪڏهن سنڌ جي عوام جي وڏي اڪثريت سان چونڊيل حڪومت خلاف ڪي به اڻوڻندڙ منصوبا ڪنهن به بدبخت جي پيٽ ۾ پلجي رهيا آهن ۽ سنڌ تي يلغار ڪري حڪومت ڪيرائڻ ۽ سنڌ فتح ڪرڻ جي اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه ۽ نيت آهي ته يقينن اهڙا منصوبا ۽ ڪارروايون، وفاق ۽ سنڌ صوبي لاءِ هاڃيڪار  ٿي سگهن ٿيون، هر صورت ۾ ان کان پاسو ڪيو وڃي ۽ جنهن به ڌر کي پنهنجي عوام ۾ مقبوليت وارو گمان آهي اهي عام چونڊن ۾ عوام وٽان پاڻ کي چونڊرائي اچن باقي قبضاگيري ۽ اقتدار جي هوس ۽ لوڀ ملڪ ۽ قوم لاءِ هر صورت ۾تمام گهڻي نقصانڪار ۽ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو