99

افغانستان ۾ ڳنڀير ٿيندڙ حالتون ۽ آرمي چيف جو چٽو موقف…

ايڊيٽوريل

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ۾ چيو آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، غلط تاثر قائم ڪرڻ ۽ ڪنهن کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، آءِ ايس پي آر مطابق ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ عالمي، علائقائي ۽ گهرو سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ پاڪ افغان سرحدي صورتحال ۽ ان جي پاڪستان جي اندروني سيڪيورٽي تي خطرن جو جائزو به ورتو ويو، خاص ڪري اولهندي زون جي سيڪيورٽي صورتحال تي غور ڪيو ويو، صدارتي خطاب ۾ آرمي چيف جو چوڻ هو ته اسان امن عمل کي ڳالهين ذريعي متفقه حل تائين پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ اسان اها ڪوشش نيت جي خلوص سان ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين. سندس چوڻ هو ته خرابي پيدا ڪندڙ عنصرن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ ضروري آهي، تازي پيدا ٿيل صورتحال ۾ سيڪيورٽي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قومي سوچ اختيار ڪرڻي پوندي، آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس ۾ اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو به ورتو ويو، آرمي چيف موثر بارڊر مئنيجمينٽ ڪنٽرول يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اولهندي سرحد تي اعليٰ سطح جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڏني، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف آپريشنل تيارين جو اعليٰ معيار برقرار رکڻ تي فارميشنز کي ساراهيو، جڏهن ته آرمي چيف ڪورونا، مون سون ۽ پوليو مهم ۾ سول انتظاميا کي تعاون ڏيڻ جي پڻ تعريف ڪئي. اسان سمجهون ٿا ته آمريڪا افغانستان ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سڄو بار پاڪستان تي ڪلهن تي وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اها سازش ڪئي پئي وڃي ته جيئن پاڪستان کي دٻاءُ ۾ آڻي نه رڳو من پسند ڪم ڪرايا وڃن پر هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ۾ عالمي طاقتن جي کوٽيل کڏ ۾ پاڪستان کي ڪيرائڻ جا به جتن ڪيا پيا وڃن، انڌي منڊي جمهوريت جو اهو ئي فائدو آهي ته اتي اهم فيصلن ۾ سياسي قيادت اڳيان اڳيان هوندي آهي، نائن اليون کانپوءِ پاڪستان جي اقتدار تي ويٺل اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف اڪيلي سر ان جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو هو اهو ايڏو ته خطرناڪ هو جو اڄ تائين اسان ان فيصلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان مان نڪري نه سگهيا آهيون، آمريڪا ته پنهنجي 20 سالن جي ڊگهي جنگ جي ناڪاميءَ کانپوءِ پوتي ڇنڊي افغانستان مان نڪري ويو آهي ۽ باقي رهيل باقيات به ڪجهه ڏينهن ۾ هلي ويندي، پر ان جي ڇٽيل ان جنگي ٻج ۽ انتهائي بري طريقي سان هار هڪ ڀيرو ٻيهر افغانين کي هڪ اهڙي مصيبت ۾ مبتلا ڪيو آهي جنهن جو سدباب ٿيڻ مشڪل آهي، نه رڳو آمريڪا پنهنجي پوري طاقت سان طالبان کان هارايو آهي پر گذريل 20 سالن دوران آمريڪا پاران افغان فوجين کي جيڪا تربيت ڏني وئي آهي، اها به کلي طرح سان سامهون اچي رهي آهي ۽ ان جا تربيت ورتل فوجي هٿيار ڇڏي ڀڄي رهيا آهن، اسان سمجهون ٿا ته آرمي چيف ۽ پاڪستان جي موقف سان پوري قوم گڏ بيٺل آهي ۽ اسان اهو فيصلو ڪري چڪا آهيون ته هاڻ اسان کي پرائي جنگ ۾ شريڪ ناهي ٿيڻو، اسان آرمي چيف جي ان بيان جي به حمايت ڪريون ٿا ته افغان معاملي ۾ ڪنهن کي قرباني جو ٻڪرو نه بڻائڻ گهرجي پر وري به ڳالهين جي ميز تي معاملو حل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو