129

وزيراعظم تربيلا پنج توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربيلا پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان تربيلا پنج توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربيلا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تربيلا 5 توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهن، منصوبو صرف ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن کان محفوظ بڻائي، پراجيڪٽ جي ڪري تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنياد تي پاڻي جي دستيابي جاري رهندي. تربيلا 5 توسيع منصوبي سان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي به حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. تربيلا پنج توسيع منصوبي جي تعمير جي ڪري ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي جي ڪري تربيلا کان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربيلا پنج توسيع منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو  ته ملڪ ۾ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪوششون ڪري رهيا آهيون، 10 سالن ۾ 10 نوان ڊيم ٺاهينداسين، مهمند ڊيم 2025ع ۽ ڀاشا ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، جيستائين ڊيم نه ٺهندا اسان پاڻي کي ذخيرو نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته ڪوشش آهي ته 2030ع تائين پاڪستان ۾ ماحول دوست بجلي ٺهي، تربيلا جي توسيع منصوبي مان ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، موجوده حڪومت 10 سالن ۾ 10 نوان ڊيم ٺاهيندي، جڏهن ته تعمير هيٺ مهمند ڊيم 2025ع ۽ ڀاشا ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ بجلي لاءِ مهانگا معاهدا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت کي مهانگي بجلي خريد ڪرڻي پئجي رهي آهي، حڪومت پن بجلي ۽ شمسي توانائي مان بجلي ٺاهڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو مسئلو درپيش آهي جنهن جي ڪري دنيا جي موسم تيزي سان گرم ٿي رهي آهي، جيڪب آباد هن وقت گرم ترين علائقو آهي، ٻيلن ۾ پهريون اهڙي طرح باهه نه لڳندي هئي جيئن هاڻي لڳي رهي آهي، روس، ترڪي ۽ يونان ۾ اهڙي طرح باهه لڳل آهي اهڙي انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي لڳي، ان کان اڳ اهڙيون ٻوڏون نه آيون جيئن هاڻي اچي رهيون آهي. هن چيو ته چين دنيا ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، چين مستقبل جي اڳواٽ منصوبابندي ڪندو آهي، مستقبل جي لاءِ وقت کان پهرين منصوبابندي جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان اهڙي بجلي ٺاهيون جنهن سان گلوبل وارمنگ تي اثر نه پوي. وزيراعظم چيو ته تربيلا جي توسيعي منصوبي سان تربيلا ڊيم جي زندگي وڌي ويندي، صرف 4 ميل پري مٽي آهي جيڪا ڊيم ۾ ڀرجي ويندي آهي ان توسيعي منصوبي سان ڊيم ۾ ايندڙ مٽي کي فليش ڪرڻ ۾ مدد مندي، داسو ۽ ڀاشا ڊيم جو وقت تي ٺهڻ به ضروري آهي ڇاڪاڻ جو ان سان تربيلا ڊيم ۾ مٽيءَ جو ڀرجڻ گهٽجي ويندو، جنهن سان ڊيم جي زندگي وڌيڪ ڊگهي ٿي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو