راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائيل غزنوي جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. ڪامياب تربيتي لانچ جو مقصد هٿيارن جي نظام جي فني پيراميٽرز جي ٻيهر توثيق ڪرڻ کان علاوه آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آپريشنل تيارين کي يقيني بڻائڻ هو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي ( آءِ ايس پي آر) مطابق ميزائيل تجربي جو مشاهدو ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل محمد علي، اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي سينيئر آفيسرن، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، اسٽريٽجڪ ادارن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرز ڪيو. ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ تربيت جي بهترين معيار، هٿيارن جي نظام، کي سنڀالڻ ۽ فيلڊ ۾ لانچ مشن کي ڪاميابي سان سر انجام ڏنو. هوڏانهن صدر مملڪت، وزير اعظم پاڪستان، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروس چيفس آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي مبارڪوپن ڏنيون.
