ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي گادي واري شهر ڪينبرا ۾ هڪ سال کان پوءِ ڪووڊ -19 جو ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي . رپورٽ مطابق آسٽريلوي گادي واري شهر جي وزيراعلى اينڊريو بار چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ 7 ڏينهن لاڪ ڊائون لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته لاڪ ڊائون دوران شهرين جي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي هوندي پر هو ضروري ڪم، صحت مرڪز ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي خريداري ڪري سگهندا.
