136

فيڪ نيوز ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ ذريعي پاڪستان خلاف منظم پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته فيڪ نيوز ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ ذريعي پاڪستان خلاف منظم پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، اسان اڳ به ان جو مقابلو ڪيو ۽ آئينده به ڪنداسين، ڊس انفارميشن ۽ سائيڪالوجيڪل وار فيئر ذريعي اسان جي نوجوانن کي نشانو بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اسان سڀني کي ملي ڪري هائبرڊ وار جو مقابلو ڪرڻو آهي، سيڪيورٽي فورسز جي قربانين ۽ ڪاررواين سبب اڄ ملڪ ۾ امن آهي، پاڪستاني نوجوان اسان جي طاقت ۽ صلاحيت آهن، نوجوانن تي سيڙپڪاريءَ ذريعي ئي پاڪستان ڪامياب ٿيندو، ڪامياب جوان ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪي تاريخ جا سڀ کان وڏا پروگرام آهن جنهن تي اسان وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار عثمان ڊار کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۾ نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪامياب جوان پروگرام تحت هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۾ راندين ۽ هم نصابي سرگرمين جي خصوصي ڊويزن جي قيام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مراد سعيد چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز وطنِ عزيز خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف 120 ارب ڊالر جو نقصان کنيو ۽ سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام بي پناهه قربانيون ڏنيون جن سبب امن ممڪن ٿيو. هن چيو ته هاڻ هائبرڊ وار ذريعي پاڪستان کي ڊس انفارميشن پکيڙي بدنام ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن جنهن جو اسان اڳ به مقابلو ڪيو ۽ هاڻ به ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو