177

حڪومت ڪسان ڪارڊ اسڪيم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي: سيد فخر امام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ 84 لک آبادگارن کي سڌو سنئون فائدو ڏيڻ لاءِ ڪسان ڪارڊ اسڪيم جي شروعات ڪئي آهي. زراعت بابت معاملن لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڇهين وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت زراعت جي شعبي کي خاص اهميت ڏئي ٿي، حڪومت مشينري کي متعارف ڪرائڻ ۽ تحقيق جي بنياد تي زراعت جي شعبي کي بهتريءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هارين کي وڌ کان وڌ فائدو ڏيڻ لاءِ مڊل مئن جي ڪردار کي گهٽ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان آبادگارن جي آمدني ٻيڻو ڪرڻ جو ويزن رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته زراعت ملڪي معيشت ۾ اهم مقام رکي ٿو ۽ ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ زراعت جو حصو 19 سيڪڙو جي ويجهو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان بُري ريت متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ملڪ ۾ برساتن جي نظام ۾ واضح تبديلي آئي آهي جنهن ملڪ ۾ زرعي پيداوار تي ناڪاري اثر وڌا آهن، بي وقت ۽ وڌيڪ برساتن سبب سنڌ ۾ ڦٽيءَ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، 20 لک ڳٺڙيون ضايع ٿيون آهن. هن چيو ته حڪومت ماڪڙ ۽ ڪووڊ 19 جي وبا جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو جنهن جي عالمي برادري پڻ اعتراف ڪري ٿي. حڪومت پاڻيءَ جي ڪفايت سان استعمال لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ميمبر ملڪن کي زرعي تحقيق جي شعبي ۾ تعاون، هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ لاءِ موقعا ڏيڻ کپن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو