اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ چونڊن سپر اسپريڊر طور ڪم ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آزاد ڪشمير جون چونڊون ڪجهه مهينا ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، چونڊن کان اڳ هڪ خاص ويڪسي نيشن مهم هلائڻ جو چيو هو. هن چيو ته آزاد ڪشمير جون چونڊون ملتوي ڪرڻ ۽ ويڪسين مهم تي اتفاق نه ڪيو ويو، چونڊن بعد آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو. اسد عمر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح 25 کان 30 سيڪڙو جي وچ ۾ هلي رهي آهي. بلاول ڌمڪي ڏئي رهيو هو ته ڪراچيءَ ۾ ڪورونا پکڙي ته ذميوار وزيراعظم ۽ وزير هوندا. هن چيو ته هاڻي پي ڊي ايم ڪراچيءَ ۾ ان مهيني جلسي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ سال ۾ ڪورونا وائرس جي ايس او پيز جون ڀڃڪڙيون سياستدانن طرفان آيون آهن.
