راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ميان نواز شريف کي وطن واپس اچي عوام کي حقيقت کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. محرم الحرام ۾ انتشار پکيڙيندڙن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو. راولپنڊيءَ جا واپاري محرم الحرام جي جلوسن لاءِ هميشه جيان ڀرپور سهڪار ڪندا، ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر کي نظر ۾ رکندي اسپتالن ۾ وينٽي ليٽرز جو انگ وڌايو ويو آهي، عوام کي علاج جي بهترين سهولتن لاءِ هڪ وڏي اسپتال جو ڪم ڊسمبر ۾ شروع ڪبو. اهڙو اظهار هن هولي فيملي اسپتال راولپنڊيءَ ۾ نئين وارڊز جي افتتاح بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيخ رشيد احمد چيو ته اڄ اسان کي 20 وينٽي ليٽرز اين سي او سي فراهم ڪيا آهن جنهن بعد هتي وينٽي ليٽرز جو انگ 85 ٿي چڪو آهي، جڏهن ته اڃا 15 وينٽي ليٽرز ملڻا آهن. هن چيو ته راولپنديءَ ۾ هڪ وڏي اسپتال جو ڪم ڊسمبر تائين شروع ڪيو ويندو. محرم الحرام جي حوالي سان لاهور ويندس ۽ گهرو وزارت جون موڪلون به ملتوي ڪيون ويون آهن. 40 سالن کان لال حويلي تي ٿيندڙ جشن آزادي جو جلسو محرم الحرام جي ڪري منسوخ ڪيو ويو آهي. افغان سفير جي ڌيءَ جي حوالي سان سمورا ثبوت ۽ فوٽيج اسان وٽ موجود آهن. نور مقدم جو جيڪو قاتل آهي ان جي فارنزڪ رپورٽ ملي وئي آهي ۽ ميچ به ڪئي وئي ۽ ان ڪيس ۾ والدين سميت سمورن جوابدارن جا نالا اِي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. شيخ رشيد احمد چيو ته ميان نواز شريف پاڻ وطن واپس اچي ۽ اچي قوم کي سچ ٻُڌائي، جڏهن ته شهباز شريف هاڻي تائين اپيل ناهي ڪئي ۽ نواز شريف کي واپس اچڻو پوندو. پي ڊي ايم کي چوڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ اهم رول ادا ڪرڻ وڃي رهيو آهي.
