اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنهنجن آفيسرن ۽ ملازمن کان آمدني ۽ اثاثن بابت تفصيل طلب ڪري ورتا. سپريم ڪورٽ پنهنجن سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي آمدني ۽ اثاثن بابت تفصيل 15 آگسٽ 2021ع تائين جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جي آفيس مان جاري سرڪلر ۾ چيو ويو ته عدالت جو سمورو عملو مهر سان بند لفافي ۾ پنهنجي آمدني ۽ اثاثن بابت مڪمل تفصيل 15 آگسٽ تائين جمع ڪرائي آمدني ۽ اثاثا نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سرڪلر ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مشاهدي ۾ آيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڪجهه ملازمن طرفان گذريل سالن ۾ آمدني ۽ اثاثن بابت مڪمل تفصيل نه ڏني وئي، سمورا ملازم گوشوارن مطابق آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل فراهم ڪن.
