109

سکر مان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر، 8 ڄڻا زخمي

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر مان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر زخمي ٿي پيا. واقعو قومي شاهراهه تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس لڳ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ شهزاده مسافر ڪوچ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ پيش آيو. ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون مطابق زخمين کي ايڌي ايمبولينس ذريعي طبي امداد لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي ۽ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. زخمين جو تعلق پنجاب جي مختلف شهرن سان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو