104

تعليم سان گڏوگڏ هنر سکڻ به ضروري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم سان گڏوگڏ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم سان گڏوگڏ هنر سکڻ به ضروري آهي، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو، بدلجندڙ گهرجن جي موجب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگار موجب نوجوانن کي تيار ڪرڻ اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي. نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪامياب جوان پروگرام تحت هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ راندين ۽ هڪجهڙين نصابي سرگرمين ۾ خصوصي ڊويزن جي قيام جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. خصوصي ڊويزن تحت مختلف يونيورسٽين ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تعاون سان راندين ۽ هڪجهڙين نصابي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنج خصوصي پروگرام شروع ڪيا ويندا. صدر تعليم سان گڏوگڏ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تعليم سان گڏوگڏ لاڳاپيل هنر کي سکڻ به ضروري آهي ۽ ان سان معاشري کي فائدو پهچندو آهي. هن چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪجهڙو تعليمي نصاب صرف پي ٽي آءِ جو نه پر ٻين پارٽين جو به نعرو هو تنهن هوندي به موجوده حڪومت ان نعري کي عملي جامو پارائڻ تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته ڪامياب جوان پروگرام جي حوالي سان عثمان ڊار جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن ۾ راندين ۽ هڪجهِڙي نصابي سرگرمين جو فرُوغ ضروري آهي. ان سان پاڪستان وٽ عالمي معيار موجب رانديگر سامهون اچي سگهن ٿا. صدر ڪئريئر ڪائونسلنگ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ ملازمتن جي نوعيت بدلجي رهي آهي، بدلجندڙ گهرجن موجب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگار موجب نوجوانن کي تيار ڪرڻ اسان لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائير ايجوڪيشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي ان سان گڏوگڏ تعليمي معيار کي به بهتر بڻائڻ ضروري آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ان حوالي سان يونيورسٽين کي رهنمائي فراهم ڪري سگهي ٿي. صدر چيو ته جيڪڏهن مارڪيٽ جي رفتار ۽ ملازمتن جي حوالي سان منصوبابندي نه ڪئي وئي ته ان سان اسان کي نقصان ٿيندو. مون کي خوشي آهي ته ڪامياب جوان پروگرام ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، موجوده حڪومت نوجوانن کي هنر ڏئي کين اڳتي وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته ٽيلينٽ ۽ هنر جي اهميت تسليم ٿيل آهي. گلگت بلتستان ۾ 20 لکن کان وڌيڪ سياح وڃي رهيا آهن، جڏهن ته اتان جي آبادي ان کان گهٽ آهي. گلگت ۾ سياحت جي حوالي سان مختلف هنرن کي سيکارڻ جي ضرورت آهي، ان سان سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ملندو. مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا به فراهم ٿيندا. صدر احساس پروگرام جي آغاز تي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته مشڪل اقتصادي حالتن ۽ ڪووڊ – 19 جي وبا جي باوجود حڪومت معاشري جي معاشي طور تي غريب ۽ ڪمزور طبقن لاءِ اهو پروگرام شروع ڪيو ۽ ان جي ذريعي لکين گهراڻن کي امداد فراهم ڪئي آهي ان سان گڏوگڏ نوجوانن لاءِ به ڪامياب جوان پروگرام جي صورت ۾ قدمن جو آغاز ڪيو ويو جيڪو خوش آئنده آهي. صدر نوجوانن ۾ روزگار جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته تعليم واري وزارت جو ان ۾ اهم ڪردار آهي. تعليم، هنر ۽ هڪجهڙي نصابي سرگرمين جي فروغ سان قوم ترقي جي منزل حاصل ڪري سگهي ٿي، هن ڪامياب جوان پروگرام تحت يونيورسٽين ۾ هڪجهڙي نصابي سرگرمين جي فروغ لاءِ مختلف قدمن جي آغاز کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ماضي ۾ پاڪستان هاڪي، اسڪوائش ۽ ٻين راندين ۾ عالمي طور تي نالو ڪمايو، جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارن ۾ راندين ۽ هڪجهڙي نصابي سرگرمين ۾ گهٽتائي ايندي وئي، ڪامياب جوان پروگرام جي انهن پروگرامن سان يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ راندين ۽ هجهڙي نصابي سرگرمين جي فروغ ۾ مدد ملندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو