ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي وي ڊرامن توڙي فلمن جي سينئر اداڪاره دردانه بٽ ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري وئي آهي،ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ دردانه بٽ کي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ رکيو ويو هو،جتي هو لڳاتار آڪيسجن تي هئي، گذريل ڏينهن اداڪار خالد ملڪ دردانه بٽ جي موت جي تصديق ڪندي مداحن کي مغفرت لاءِ دعا جي اپيل ڪئي، ياد رهي ته اداڪاره دردانه بٽ ”تنهائيان، آنگن ٽيڙا ۽ ففٽي ففٽي“ ۾ ڪم ڪيو، آخري ڀيرو 2019 ۾ ڊرامي رسوائي ۾ نظر آئي.
