144

وقار ذڪا ارشد نديم کي پنهنجي طرفان اعلانيل 10 لک انعام ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني ٽي وي ميزبان ۽ سوشل ميڊيا اسٽار وقار ذڪا پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي پنهنجي طرفان اعلانيل 10 لک انعام جي رقم ڏئي ڇڏي آهي، رپورٽ مطابق ارشد نديم جي پاڪستان واپسي تي وقار ذڪا سندس استقبال ڪندي واعدي مطابق کيس 10 لک انعام ڏنو، ان موقعي تي وقار ذڪا چيو ته ارشد نديم جهڙن ماڻهن جي مدد صرف حڪومت نه پر هر پاڪستاني جو فرض آهي، وقار ذڪا چيو ته ارشد نديم کي انعام ڏيڻ واري وڊيو مان جيڪا آمدني ٿي اها ارشد نديم حوالي ڪندس، عوام وڌ کان وڌ اها وڊيو شيئر ڪري، هوڏانهن ارشد نديم وقار ذڪا جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته وقار ذڪا پنهنجو واعدو پورو ڪيو، هن وانگر هر ڪوئي حوصلو ڏيندو رهيو ته هڪ ڏينهن ضرور ڪاميابي ماڻيندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو